اسلام آباد – 13 نومبر (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اسد قيصر چيو آهي ته پاڪ چين اقتصادي لنگهه سي پيڪ علائقائي رابطن کي فروغ ڏي?? جو هڪ ذريعو آهي، سي پيڪ نه رڳو پاڪستان پر پوري وچ ايشيا ۽ ڏکڻ ايشيا ۾ رابطن کي اڳتي وڌائين??و، ان منصوبي سان چين ۽ پاڪستان کانسواءِ ايران، اف??انستان، ڀارت، وچ ايشيائي رياستن ۽ خطي جا ٻيا ملڪ به لاڀ پرائيندا، پاڪستان خطي ۾ امن، ترقي ۽ معاشي استحڪام جو خواهشمند آهي، اهڙن خيالن جو اظهار هن اقتصادي راهداري بابت پارلياماني ڪميٽي جي اهتمام هيٺ سي پيڪ جي حوالي سان ??نع??د بحث مباحثي جي اف??تاحي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو، بحث مباحثي جو عنوان سي پيڪ تحت سيڙپڪاري، واپار ۽ عوامي رابطن کي فروغ ڏيڻ ۾ پارليامينٽ جو ڪردار آهي.