اسلام آباد – 16 نومبر (اي پي پي) ڪابينا جي اقتصادي رابطا ڪميٽي (اي سي سي) نيشنل انفارميشن ٽيڪنالاجي بورڊ (اين آءِ ٽي بي) جي لاءِ جاري مالي سال دوران 53 ملين رپيا رکڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي، اهي فنڊز وزيراعظم آفيس ۾ وزيراعظم جي ڪامياب جوان پروگرام جي لا??ِ انفارميشن ٽيڪنالاجي خدمتن جي فراهمي لا??ِ استعمال ۾ آندا ويندا، اجلاس ۾ موسمي ۽ انب ج?? برآمدات جي لاءِ نظام الاوقات جوڙڻ جي حوالي سان واپار وار?? وزارت ۽ قومي غذائي تحفظ ۽ تحقيق وار?? وزارت جي نمائندن تي ٻڌل ??ميٽي قائم ڪرڻ جي سفارش پڻ ڪئي وئي آهي جڏهن ته جاري مالي سال جي لاءِ دفاع وار?? وزارت ۽ گهرو وزارت جي چار مختلف منصوبن جي لاءِ 4 فني ضمني گرانٽس جي منظوري پڻ ڏني وئي آهي. اقتصادي رابطا ڪميٽي جو اجلاس ڪابينا ڊويزن ۾ وزيراعظم جي ناڻي ۽ اوڳاڙين واري صلاحڪار ڊاڪٽر عبدالحفيظ شيخ جي صدارت ۾ ٿيو.