اسلام آباد – 06 – جنوري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته گوادر پورٽ فري زون اي??يا کي افغانستان ۽ بلوچستان جي وچ ۾ واپار جي لاءِ استعمال ڪرڻ جي ضرورت آهي، گوادر بندرگاهه جهڙن قومي ??نص??بن جي ڪامياب پڄاڻي جي لاءِ حڪمت عملي ۽ ويزن ضروري آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن گوادر جي دوري دوران ڳالهائيندي ڪيو. ان موقعي تي صدر کي گوادر ماسٽر پلان ۽ گوادر پورٽ جي ترقياتي ڪمن بابت بريفن?? ڏني وئي. گوادر پورٽ اٿارٽي جي چيئرمين نصير خان ڪاشاني ۽ گوادر ڊيولپمينٽ اٿارٽي جي ڊائريڪٽر جنرل شاهزيب خان ڪاڪڙ گوادر پورٽ ۽ گوادر سٽي بابت ترقياتي ڪمن تي بريفن?? ڏني. صدر چيو ته ڪراچي پورٽ سان گڏوگڏ افغانستان ۽ بلوچستان جي وچ ۾ ٽرانزٽ ٽريڊ جي لاءِ گوادر پورٽ فري زون کي استعمال ۾ آڻڻ جي ضرورت آهي، گوادر پورٽ تي ٽريفڪ جي تيزي سان رواني کي يقين?? بڻايو وڃي.