اسلام آبا?? – 25 – ما??چ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان يوم پاڪستان جي مناسبت سان شاندار پريڊ جي انعقاد تي ٽنهي هٿياربند فوج جي منتظمين کي مبارڪباد ڏيندي چيو آهي ته اسان هڪ قوم آهيون، اتحاد ۽ اتفاق سان اڳتي وڌندي قومي ترقي ۽ عوامي خوشحالي جي منزل حاصل ڪرڻ لاءِ پرعزم آهيون. وزيراعظم ميڊيا آفيس مان جاري بيان موجب وزيراعظم چيو ته پريڊ ۾ شريڪ سمورن شرڪت ڪندڙن ۽ دوست ملڪن جي فوجن جي دستن اعليٰ پرفارمنس جو مظاهرو ڪي??، وزيراعظم چيو ته چئ??ي صوبن سميت آزاد ڪشمير ۽ گلگت بلتستان جي ثقافت کي گلدستو بڻائي پيش ڪيو ويو. پريڊ ۾ اسان جي هٿياربند فوجن نيوي ۽ فضائيه جي شاندار ڪارڪردگي ۽ پيشيوراڻي مهارت جي جهلڪ پوري دن??ا ڏٺي.