اسلام آباد – 28 آگسٽ (اي پي پي) و??ير??عظم عمران خان سمورن صوبن تي زور ڏنو آهي ته اهي راندين جي بحالي ۽ نوجوانن کي راندين جي سهولتن جي فراهمي تي پنهنجو ڌيان ڏين، پاڪستان ۾ ڪرڪيٽ جي فروغ لاءِ ??حس??ن ماني جون ڪوششون ساراهه جوڳيون آهن. ٽوئيٽر تي جاري ٽوئيٽس ۾ و??ير??عظم عمران خان چيو آهي ته پنجاب جي اسڪولن ۾ ڪرڪيٽ جي لاءِ خاص طور تي سينٽرل پنجاب ڪرڪيٽ ايسوسيئيشن جي ڪوششن جو جائزو وٺندي کيس خوشي ٿي آهي. سڄي پنجاب ۾ 870 اسڪول ۽ 231 ڪاليج گرائونڊز ۽ 355 راندين جا ميدان تيار ڪيا ويا آهن. و??ير??عظم سمورن صوبن تي زور ڏنو آهي ته اهي راندين جي بحالي ۽ نوجوانن کي راندين جي سهولتن جي فراهمي تي پنهنجو ڌيان ڏين. و??ير??عظم پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جي چيئرمين طور پنهنجي 3 سالا مدي ۾ پاڪستان ۾ ڪرڪيٽ جي فروغ لاءِ ??حس??ن ماني جي ڪوششن کي ساراهيو ۽ سندس ٿورا مڃيا. و??ير??عظم چيو ته هو ملڪ ۾ پهريون ڀيرو علائقائي ڊوميسٽڪ ڪرڪيٽ جو ڍانچو قائم ڪرڻ ۽ ملڪ ۾ عالمي ڪرڪيٽ جي واپسي ۾ ??حس??ن ماني جي ڪردار کي ساراهي ٿو.