اسلام آباد – 10 – نومبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فو??د حسين چيو آهي ته چونڊ سڌارا ملڪ جي مستقبل جو معاملو آهي، اس??ن نيڪ نيتي سان ڪوشش ڪري رهيا آهيون ته انهن معاملن تي اتفاق راءِ پيدا ٿئي. پنهنجي ٽ??ئيٽ ۾ هن چيو ته قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اس?? قيصر کي مخالف ڌر سان هڪ ڀيرو ٻيهر رابطو ڪرڻ جو چيو ويو آهي ته جيئن متفقه چونڊ سڌارن جو بل آڻي سگهجي. هن چيو ته پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس کي ان مقصد جي لاءِ ملتوي ڪيو پيو وڃي، اس??ن کي اميد آهي مخالف ڌر انهن اهم سڌارن تي سنجي??گي سان غور ڪندي ۽ اس??ن پاڪستان جي مستقبل جي لاءِ هڪ گڏيل حڪمت عملي اختيار ڪري وٺنداسين جهن ته ائين نه ٿيڻ جي صورت ۾ اس??ن سڌارن تان پٺتي نه ٿا هٽي سگهون.