اسلام آباد – 21 ڊسمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي رت جي مرض جو ماهر مشهور پروفيسر ڊاڪٽر طاهر شمسي جي لاڏاڻي تي افسوس ۽ ??عز??ت جو اظهار ڪيو آهي. ايوان صدر مان جاري پنهنجي ??عز??تي بيان ۾ صدر چيو ته ڊاڪٽر طاهر شمسي طب ۽ تحقيق جي شعبي ۾ نمايان خدمتون انجام ڏنيون، بون ميرو ٽرانسپلانٽ ۽ رت جي ڪينسر جي علاج جي حوالي ??ان سندس خدمتون ياد رکيون وينديون، صدر دعا ڪئي ته الله تعاليٰ ڊاڪٽر طاهر شمسي کي جوار رحمت تي جاءِ ڏي ۽ سندس وارثن کي صبر جميل عطا فرمائي.