اسلام آباد – پهرين – اپريل (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي اين ايف سي انسٽيٽيوٽ آف انجنيئرنگ اينڊ ٽ??ڪن??لاجي، ملتان ۾ مارچ 2017ع کان سينيٽ جو اجلاس منعقد نه ٿيڻ ت?? ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چي?? آهي ته سينيٽ ميمبرن جي مقرري ۾ وڌيڪ ڪا به دير نه ڪئي وڃي. اهڙن خيالن جو اظهار هن اين ايف سي انسٽيٽيوٽ آف انجنيئرنگ اينڊ ٽ??ڪن??لاجي، ملتان تي بريفنگ دوران ڪيو. اجلاس ۾ تعليم واري وفاقي سيڪريٽري ناهيد دراني ۽ وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر اختر علي ملڪ شرڪت ڪئي، صدر چي?? ته يونيورسٽي پنهنجي سينيٽ جي ميمبرن جي مقرري جي عمل کي تيز ڪري، اداري جي سينيٽ جو اجلاس جلد کان جلد منعقد ڪيو وڃي، مارچ 2017ع کان سينيٽ جو اجلاس منعقد نه ٿيڻ ت?? صدر ڪاوڙ جو اظهار ڪيو. هن چي?? ته سينيٽ ميمبرن جي مقرري ۾ وڌيڪ ڪا به دير نه ڪئي وڃي، سينيٽ جو اداري ۾ گڊ گورننس يقيني بڻائڻ ۾ اهم ڪردار هوندو آهي. هن چي?? ته مارڪيٽ کان بهترين ماڻهن کي سينيٽ جو ميمبر مقرر ڪيو وڃي، صدر گريجوئيٽس جو تعداد وڌائڻ لاءِ هائبرڊ ذريعي تعليم تي ڌيان ڏيڻ ت?? به زور ڏنو.