اسلام آباد – 28 – مارچ (اي پي پي) وزيرا??ظم عمران خان سان سنڌ سان تعلق رکندڙ قومي ۽ صوبائي اسيمبلي ميمبرن ۽ پارٽي ورڪرز ملاقات ڪئي. وزيرا??ظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري پڌرائي موجب ملاقات ۾ سنڌ جو گورنر عمران اسماعيل، قومي اسيمبلي ميمبر آفتاب صديقي، صوبائي اسيمبلي ميمبرن حليم عادل شيخ، خرم شير زمان، سعيد آفريدي، جمال صديقي، شاهنواز جدون، علي عزيز، شهزاد قريشي، پارٽي ميمبرن ڊاڪٽر سيما ضياءَ، عدنان اسماعيل، محسن گهمڻ، ملڪ عارف عدنان، راجيش ڪمار، رميش ڪمار ۽ امين محمد شامل هئا. ان موقعي تي شرڪت ڪندڙن وزيرا??ظم کي پاڪستان جي تاريخ جو سڀ کان وڏو عوامي ميڙ امر بالمعروف جي ڪامياب انعقاد تي مبارڪباد ڏني ۽ وزيرا??ظم جي قيادت تي مڪمل اعتماد جو اظهار ڪندي ملڪي ۽ عالمي سطح تي پاڪستان جي ترقي جي لاءِ کنيل قدمن تي خراج تحسين پيش ڪيو. وزيرا??ظم شرڪت ڪندڙن کي پنهنجي تڪن ۾ پارٽي کي منظم ??رڻ ۽ چونڊيل نمائندن کي عوامي فلاحي منصوبن تي اڳڀرائي وڌيڪ تيز ??رڻ جي هدايت ڪئي.