اسلام آباد – 18 – اپريل (اي پي پي) وزيرا??ظم محمد شهباز شريف کي ق??ر جي امير شيخ تميم بن حماد الثاني ٽيليفون ڪئي. وزيرا??ظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب ق??ر جي امير وزيرا??ظم شهباز شريف کي وزارت عظميٰ جو عهدو سنڀالڻ تي مبارڪباد ڏني ۽ پاڪستان قطر لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ ۾ پوري حمايت جي خاطري ڪرائي. وزيرا??ظم شهباز شريف ق??ر جي امير جا ٿورا مڃيا. هن قطر پاڪستان لاڳاپن جي اهميت کي اجاگر ڪيو ۽ مختلف شعبن ۾ ٻطرفي تعاون کي وڌيڪ وڌائڻ جي خواهش جو ??ظه??ر ڪيو، خاص طور تي وزيرا??ظم پاڪستان ۽ ق??ر جي وچ ۾ معاشي سرگرمين کي وڌائڻ جي عزم کي ورجايو جنهن ?? واپار، سيڙپڪاري، توانائي، مواصلات، فوڊ سيڪيورٽي ۽ ٻيا اهم شعبا شامل آهن. وزيرا??ظم سيڪيورٽي، صحت ۽ انفراسٽرڪچر جي شعبن ۾ پاڪستاني افرادي قوت جي ڀلائي لاءِ ق??ر جي قدمن کي پڻ ساراهيو. وزيرا??ظم افغان امن عمل ۾ ق??ر جي ڪردار کي ساراهيو ۽ ان خواهش جو ??ظه??ر ڪيو ته ٻئي ملڪ افغان عوام جي لاءِ امن، استحڪام ۽ انساني امداد جي لاءِ گڏجي ڪم ڪندا رهن. وزيرا??ظم ق??ر جي امير کي جلد پاڪستان جو دورو ڪرڻ جي دعوت ڏني. ٻنهي اڳواڻن ويجها گڏيل رابطا مضبوط ڪرڻ ۽ پاڪستان قطر لاڳاپن ۾ استحڪام ۽ وڌيڪ سگهه آڻڻ تي پڻ اتفاق ڪيو.