اسلام آباد – 19 – اپريل (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف سان پاڪستان ۾ گڏ??ل عرب امارات (يو اي اي) جي سفير حماد عبيد ابراهيم سالم الزابي ملاقات ڪئي. گڏ??ل عرب امارات جي سفير وزيراعظم کي وزارت عظميٰ جو عهدو سنڀالڻ تي مبارڪباد ڏيندي گڏ??ل عرب امارات پاران پاڪستان سان ٻطرفن لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم بڻائڻ جي خواهش جو اظهار ڪيو. وزيراعظم شهباز شريف گڏ??ل عرب امارات جي سفير جا ٿورا مڃيا ۽ پاڪستان ۽ گڏ??ل عرب امارات جي وچ ۾ مختلف شعبن ۾ ٻطرفي تعاون جي فروغ لاءِ ان جي ڪوششن کي ساراهيو. وزيراعظم گڏ??ل عرب امارات جي قيادت جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. هن ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ حصيداري کي وڌيڪ وڌائڻ جي لاءِ يو اي اي جي قيادت سان گڏجي ڪم ڪرڻ جي عزم جو پڻ اظهار ڪيو. وزيراعظم رڳو 50 سالن جي عرصي ۾ ملڪ کي تبديل ڪرڻ جي گڏ??ل عرب امارات جي قيادت جي ويزن کي پڻ ساراهيو. وزيراعظم ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ واپار، سيڙپڪاري، توانائي، انفراسٽرڪچر، غذائي تحفظ ۽ روزگار جا موقعا پيدا ڪرڻ سميت اقتصادي تعاون جي وڌيڪ فروغ جي لاءِ پنهنجي حڪومت جي عزم جو اظهار ڪيو. وزيراعظم چيو ته پاڪستان ۽ گڏ??ل عرب امارات جي وچ ۾ سدائين خاص لاڳاپا رهيا آهن جن جو بنياد گڏ??ل تاريخ، عقيدي ۽ جاگرافيائي ويجهڙائپ تي ??هي. هن چيو ته ٻنهي ملڪن جي عوام جي وچ ۾ پڻ ويجها رابطا آهن. وزيراعظم گڏ??ل عرب امارات جي ترقي ۾ سمنڊ پار پاڪستانين جي اهم ڪردار کي ساراهيو جيڪي ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ مضبوط پل جو ڪردار ادا ڪن ٿا. پاڪستان ۽ گڏ??ل عرب امارات جي وچ ۾ پراڻا دوستاڻا لاڳاپا آهن ۽ اعليٰ سطحي رابطن سان ٻطرفي تعاون کي سگهه ملي ٿي.