اسلام آباد – 29 – اپريل (اي پي پي) پاڪستان رمضان المبارڪ جي مقدس مهيني ۾ ??مع??ه الوداع جي موقعي تي مسجد اقصيٰ تي اسرائيلي فورسز جي حملي جي شديد مذمت ڪئي ??هي?? جنهن ??ي نتيجي ۾ ڪيترائي بي گناهه فلسطيني نمازي زخمي ٿيا، پرڏيهي آفيس جي ترجمان موجب هڪ بيان ۾ چيو ويو ته گذريل ٻن هفتن جي دوران مسجد اقصيٰ تي اسرائيلي حملن ۾ تقريبن 300 فلسطيني زخمي ٿي چڪا آهن جيڪي قابل مذمت ??هي?? ترجمان چيو ته فسلطينين جي خلاف اسرائيلي قابض فوج پاران طاقت جو انڌا ڌنڌ استعمال سموري انساني ا??ول?? ۽ انساني حقن جي قانونن جي خلاف ورزي ??هي?? فلسطينين تي اهڙا حملا اسلامي مقدس ماڳن کي پائمال ڪن ٿا، هن چيو ته پاڪستان عالمي برادري کان مطالبو ڪريون ٿا ته هو اسرائيلي خلاف ورزين جي خاتمي ل??ءِ فوري قدم کڻي جيڪي خطي ۾ تشدد، ڇڪتاڻ ۽ عدم استحڪام کي هوا ڏئي رهيا آهن ۽ پوري مسلمان دنيا جي ل??ءِ شديد ڳڻتي جو سبب آهن، ترجمان چيو ته اسان فلسطيني عوام ۽ فلسطيني ڪاز ل??ءِ پنهنجي حمايت جو ورجاءُ ڪريون ٿا، جيڪي سدائين پاڪستان جي پرڏيهي پاليسي جو هڪ مقرر اصول رهيو ??هي?? ترجمان پاڪستان جو اهو مطالبو ورجايو ته اسان 1967 کان پهرين جي سرحدن سان هڪ قابل عمل، خودمختيار ۽ فلسطيني رياست ل??ءِ پنهنجي مطالبي جي تجديد ڪريون ٿا جنهن جو گادي وارو شهر القدس الشريف هوندو، اهو مسئلو فلسطين جو واحد، جامع ۽ پائيدار حل آهي جنهن جو اظهار گڏيل قومن ۽ او آءِ سي جي ڪيترن ئي قراردادن ۾ به ڪيو ويو آهي.