اسلام آباد – 06 – جون (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته وزيراعظم اڄ ا??ار?? ڏينهن ڪاروباري برادري سان بجيٽ تي مشاورت جي حوالي سان پري بجيٽ سيمينار کي اهم خطاب ڪندو. پنهنجي ??وئيٽس ۾ هن چيو ته وزيراعظم شهباز شريف پاڪستان جي ??عاشي ترقي ۽ خوشحالي جي ??اءِ پنهنجي ??يزن جي تعبير جي ??اءِ پري بجيٽ ڪانفرنس ۾ شرڪت ڪندو. هن چيو ته وزيراعظم جو ويزن هڪ اهڙو پاڪستان ٺاهڻ آهي جتي معيشت وڌي ويجهي، مستحڪم ۽ پائيدار بنيادن تي ترقي ٿئي، هر پاڪستاني ۽ ملڪ جو هر خطه ان ۾ حصيدار هجي، جتي غربت ۽ محرومين جو خاتمو ٿئي، شهرين کي سماجي، سياسي ۽ معاشي حق ميسر اچن، انهن کي زندگي جي تلخين مان ڇوٽڪارو ملي ۽ هڪ بهتر زندگي ملي. پنهنجي ??وئيٽ ۾ هن چيو ته وزيراعظم پاڪستان کي درپيش معاشي مسئلن ۽ انهن جي حل لاءِ فوري، وچولي ۽ ڊگهي مدي واري قدمن تي خيان جي ڏي وٺ ڪندو. وزيراعظم مالي سال 23 – 2022ع جي بجيٽ لاءِ تجويزون حاصل ڪندو. هن چيو ته وزيراعظم زراعت، فوڊ سيڪيورٽي، توانائي، آءِ ٽي، ٽيڪسٽائيل، مينوفيڪچرنگ، برآمدات ۽ ٻين ش??بن جي ڪاروباري شخصيتن سان چارٽر آف اڪانومي جي ??اءِ نيشنل ڊائيلاگ جي شروعات ڪندو. وزيراعظم ڪاروباري شخصيتن کان تجويز وٺندو ۽ انهن کي مستقبل جي حڪمت عملي تي اعتماد ۾ وٺندو.