اسلام آباد – 17 – آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف ??يو آهي ته ترڪيه ۽ پاڪستان جي وچ ۾ دوستاڻا لاڳاپا آهن ۽ ٻئي ملڪ واپار، سيڙپڪاري، توانائي ۽ مواصلات جي شعبن ۾ تعاون کي فروغ ڏيڻ ۾ گهري دلچسپي رکن ٿا، پاڪستان ۾ ٻاهرئين سيڙپڪ??ري جي لاءِ سازگار ماحول آهي. اهڙن خيالن ??و اظهار هن ترڪيه سان تعلق رکندڙ ڪمپني ليماڪ جي وفد س??ن ڳالهائيندي ڪيو جنهن ساڻس ملاقات ڪئي. وزيراعظم ??يو ته ترڪيه ۽ پاڪستان جي وچ ۾ دوستاڻا لاڳاپا آهن ۽ ٻئي ملڪ واپار، سيڙپڪاري، توانائي ۽ مواصلات جي شعبن ۾ تعاون کي فروغ ڏيڻ ۾ گهري دلچسپي رکن ٿا. وزيراعظم ??يو ته ترڪيه جي تازي دوري دوران سندس ترڪيه جي واپارين سان ملاقاتون تمام گهڻيون ڪامياب رهيون ۽ اها ڳالهه خوشي جوڳي آهي ته ترڪيه جون ڪمپنيون پاڪستان ۾ سيڙپڪ??ري ۾ دلچسپي رکن ٿيون. هن وڌيڪ ??يو ته ترڪيه ۽ پاڪستان جي وچ ۾ تازو ئي پريفيرينشل ٽريڊ ايگريمينٽ تي صحيحون ٿيون آهن جنهن سان گڊز، سروسز ۽ سيڙپڪ??ري جي حوالي سان نيون راهون کليون آهن، ان معاهدي کانپوءِ پاڪستان ترڪيه گڏيل واپار جو ڪاٿو وڌي ويندو. هن ??يو ته پاڪستان ۾ ٻاهرئين سيڙپڪ??ري جي لاءِ سازگار ماحول موجود آهي ۽ اسان جي حڪومت سمورن پراجيڪٽس جي وقت سر پڄاڻي تي يقيني رکي ٿي ۽ اهو يقيني بڻايو وڃي ٿو ته منصوبن جي مڪمل ٿيڻ جي عمل ۾ شفافيت کي يقيني بڻايو وڃي. ليماڪ جي وفد پاڪستان ۾ پن بجلي جي شعبي ۾ سيڙپڪ??ري ۾ دلچسپي ??و اظهار ڪيو. ملاقات ۾ سيڙپڪ??ري بورڊ جي وفاقي وزير چوڌري سالڪ حسين، انجنيئر خرم دستگير خان، پاڪستان ۾ ترڪيه جي سفير ۽ اعليٰ سرڪ??ري آفيسرن پڻ شرڪت ڪئي.