اسلام آباد – 08 سي??ٽمبر (اي پي پي) ٻوڏ واري پاڻي بلوچستان، سنڌ، ڏکڻ پنجاب ۽ خيبرپختونخوا جي ڪيترن ئي ضلعن ۾ تباهي مچائي ڇڏي آهي جنهن جي نتيجي ۾ ڪيتريون ئي قيمتي جانيون ضايع ٿيون آهن. ٻوڏ متاثرن کي فوري خو??اڪ، طبي ا??دا?? ۽ خشڪ راشن جي سخت ضرورت آ??ي،. پاڪ فصائيه ٻوڏ متاثرن جي بحالي لاءِ ريسڪيو ۽ رليف جي عمل ۾ وڌ کان وڌ حصو وٺي رهي آهي. پاڪ فضائيه جا هيلي ڪاپٽر ماڻهن کي محفوظ هنڌن تي منتقل ڪرڻ سان گڏوگڏ خو??اڪ ۽ طبي سامان پهچائڻ ۾ به سرگرم عمل آهن. مسلسل خو??اڪ ۽ طبي ا??دا?? فراهم ڪرڻ لاءِ فلڊ رليف ڪيمپ ۽ سي?? ٽينٽ سي??ٽر قائم ڪيا ويا آهن. پاڪ فضائيه جي ترجمان موجب گذريل 24 ڪلاڪن دوران پاڪ فضائيه جي ٽيمن 26125 پڪل کاڌي جا پيڪيٽ، 1000 پاڻي جون بوتلون، بنيادي کاڌي پتي جي شين تي ٻڌل 2475 خشڪ راشن جا پيڪٽ ضرورتمند خاندانن ۾ ورهايا آهن ان سان گڏ 1437 خيما لڳايا ويا آهن جيڪي 11720 ماڻهن کي ا??دا?? فراهم ڪري رهيا آهن، جڏهن ته مفت خو??اڪ ۽ رهائش کانسواءِ پاڪ فضائيه جون ميڊيڪل ٽيمون فيلڊ ميڊيڪل ڪيمپن ۾ 2810 مريضن جو طبي معائنو به ڪيو.