اسلام آباد – 08 – سيپٽمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري ??فاقي وزير مريم اورنگزيب ٻوڏ متاثرين جي امدادي شين تي ٽيڪس ڇوٽ ڏيڻ بابت ڪابينا جي فيصلي جا تفصيل جاري ڪري ڇڏيا. جاري ڪيل بيان ۾ اطلاعات واري ??فاقي وزير چيو ته وزيراعظم شهباز شريف جي هدايت تي ڪابينا 30 آگسٽ 2022ع تي ٽيڪس ڇوٽ جي من??وري ڏني هئي، ٻوڏ متاثرين ج?? مدد جي لاءِ مهارين، ٻيڙين سميت سمورين امدادي شين کي ٽيڪس کان ڇو?? حاصل آهي. هن چيو ته ڪابينا جي 30 آگسٽ 2022ع تي ٽيڪسن کان ڇوٽ جي من??وري تي فوري عمل ٿيو هو، ناڻي واري ??زارت ۽ ايف بي آر عملدرآمد جو ايس آر او پڻ جاري ڪري ڇڏيو هو. ضابطي تحت فلاحي ۽ سرندي وارن ڪم ڪندڙن کي اين ڊي ايم اي جو سرٽيفڪي?? حاصل ڪرڻو پ??ندو.