اسلام آباد – 24 – آڪٽوبر (اي پي پي) سي??يٽ چيئرمين محمد صادق سنجراڻي چيو آهي ته ڪشميري عوام جي آزادي جي جدوجهد جلد ڪاميابي ??ان همڪنار ٿيندي، 75 سال اڳ ڪشميري عوام آزادي جي جدوجهد ذريعي آزاد ڄمون ۽ ڪشمير رياست جو سنگ بنياد رکيو. 75 هين ڪشمير تاسيس ڏهاڙي جي موقعي تي ڪشميري عوام ??ان يڪجهتي جو اظهار ڪندي پنهنجي پيغام ۾ هن چيو ته پاڪستاني حڪومت ۽ عوام پنهنجي ڪشميري ڀائرن ??ان گڏ بيٺل آهي، عالمي برادري والاريل ڪشمير ۾ ڀارتي پاران انساني حقن جي پائمالي جو نوٽيس وٺي. 5 آگسٽ 2019ع تي ڀارت ڪشميري عوام جي خودمختياري جي حق تي راتاهو هنيو ۽ ڀارت ڪڌي حربن ??ان گهڻي دير پنهنجو غيرقانوني قبضو قائم نه ٿو رکي سگهي. ڀارت جي فاشسٽ حڪومت جا ڪڌا حربا ڪشميري عوام جو عزم ۽ حوصلا ڪمزور نه ٿا ڪري سگهن. سي??يٽ چيئرمين محمد صادق سنجراڻي چيو ته ا??ان پنهنجي ڀائرن ۽ ڀينرن جي جائز خودمختياري جي مقصد جي جدوجهد ۾ انهن ??ان گڏ بيٺل آهيون.