واشنگٽن – 24 آڪٽوبر (اي پي پي) آمريڪا ۾ پاڪستان جي سفير مسعود خان لکين ٻو?? متاثرن لاءِ پيئڻ جي صاف پاڻي جي فوري فراهمي جي ضرورت تي زور ڀريو آهي، هن چيو ته پيئڻ جي صاف پاڻي جي گهٽتائي ۽ متاثر علائقن ۾ ٻوڏ وارو پاڻي بيهڻ سبب پيدا ٿيندڙ بيماريون سان ٻو?? متاث??ن جي تڪليفن ۾ وڌيڪ اضافو ٿي رهيو آهي. هن نيسولر واٽر پلانٽس ذريعي پيڻ جي صاف پاڻي جي فراهمي لاءِ ڪم ڪندڙ آمريڪي فلاحي تنظيم هيومن نيسيسٽي فائونديشن (ايڇ اين ايف) طرفان فنڊ ري??نگ تقريب دوران چيو ته ٻو?? متاث??ن جي بحالي ۽ نئين سر تعمير لاءِ پاڪستان کي عالمي برادري جي فوري ۽ لاڳيتو مدد جي ضرورت آهي. هن تنظيم جي ڊائريڪٽر فوزيه قصوري ۽ ان جي ساٿين جي ڪوششن کي سا??اهيندي چيو ته هو ٻو?? متاث??ن جي انتهائي بنيادي ضرورتن کي پورو ڪري رهيا آهن. هن چيو ته ماحولياتي تبديلي جو سبب بڻجندڙ ٻوڏ جي ڪري 3 ڪروڙ 30 لک متاثر ٿيا آهن جيڪي آمريڪي رياست ڪيليفورنيا جي آبادي کان به وڌيڪ آهن ۽ پاڪستان جي 95 هزار اسڪوائر ميل ايراضي ٻوڏ جي پاڻي ۾ ٻڏي وئي جيڪا آمريڪي رياست ڪولورادو جي علائقي کان به وڌيڪ آهي جنهن جي 66 لک ماڻهن کي فوري ڌيان جي مدد جي ضرورت آهي. هن پاڪستان ۾ ريسڪيو ۽ رليف آپريشن دوران وڏي پئماني تي سهڪار ڪرڻ تي گڏيل قومن، عالمي برادري ۽ آمريڪي حڪومت ۽ ع??ام جو ٿورو مڃيو ۽ متاثرن کي امداد فراهم ڪرڻ تي پرڏيهه ۾ رهندڙ پاڪستانين کي به سا??اهيو. پاڪستاني سفير چيو ته هن وقت حقيقي چئلينج ٻو?? متاث??ن جو روزگار، بحالي ۽ تعمير آهي. جنهن لاءِ اسان کي پنهنجي دوست ملڪن، سرنديءَ وارن ۽ خاص طور تي پاڪستاني آمريڪي ڪميونٽي جي لاڳيتي مدد جي ضرورت آهي، جن هميشه مشڪل وقت ۾ اسان جي مدد ڪئي آهي.