بالي – 08 – ڊسمبر (اي پي پي) پرڏيه?? وزير بلاول ڀٽو زرداري بالي ۾ انڊونيشيا جي پرڏيه?? وزير رتنو مر سودي سان ملاقات ڪئي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان موجب خميس ڏينهن ٿيندڙ ملاقات ۾ ٻنهي پرڏيه?? وزيرن ٻطرفن ??اڳاپن جو جائزو ورتو. پرڏيه?? وزير بلاول ڀٽو زرداري ۽ ان جي انڊونيشيائي هم منصب علائقائي ۽ عالمي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ کانسواءِ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ رابطا جاري رکڻ تي اتفاق ڪيو. ٻنهي پرڏيه?? وزيرن گڏيل وزارتي ڪميشن قائم ڪرڻ بابت مفاهمت جي ياداشت تي پڻ صحيحون ڪيون، جيڪو ٻطرفن ??اڳاپن ۽ تعاون کي اڳتي وڌائڻ ۾ مدد ڏيندو.