اسلام آباد– 30 – جنوري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب پشاور ۾ پوليس لائينز ??ي مسجد ۾ خودڪش حملي جي سخت مذمت ڪندي چ??و آهي ته دهشتگردن جو مس??د تي حملو اسلام، قرآن، مسلمانن ۽ پاڪستان سان نفرت جو ثبوت آهي. پنهنجي بيان ۾ وفاقي وزير مريم اورنگزيب شهيدن کي خراج عقيدت ۽ گهرڀاتين سان تعزيت جو اظهار ڪيو. هن چيو ته پاڪست??ن جا دشمن غلط فهمي جو شڪار آهن ته معصومن جو رت وهائي دهشتگردي جي خلاف اس??ن جي عزم کي ڪمزور ڪري سگهن ٿا. هن چيو ته خيبرپختونخواهه دهشتگردي جي خلاف فرنٽ لائين صوبو آهي، افسوس 10 سالن ۾ ان خطري کي نظرانداز ڪرڻ جي ڏوهاري غلطي ڪئي وئي. هن چيو ته قائد نواز شريف دهشتگردي جو خاتمو آندو هو، هڪ ڀيرو ٻيهر انهي عزم ۽ حڪمت عملي سان ان کي پاڙ کان پٽي اڇلائينداسين. اطلاعات واري وفاقي وزير شهيدن جي درجن جي بلندي ۽ گهرڀاتين جي لاءِ صبر جميل جي دعا ڪئي. اطلاعات واري وفاقي وزير زخمين جي جلد صحتيابي لاءِ پڻ دعا ڪئي.