اسلام آباد – 24 – مارچ (اي پي پي) پاڪستان ڀارت جي غيرقانوني طور تي قبضي هيٺ ??مو?? ۽ ڪشمير ۾ جاري ظلمن تي گهري ڳڻتي جو اظهار ڪندي چيو آهي ته پاڪستان والاريل علائقي ۾ انساني حقن جي سنگين ۽ من??م خلاف ورزين جي خلاف آواز اٿاريندو رهندو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ پريس بريفنگ ۾ چيو ته اسان گڏيل قومن جي سل??متي ڪائونسل جي قراردادن موجب ??مو?? ۽ ڪشمير تڪرار جي من??فاڻ?? ۽ ??رامن حل جي لاءِ پنهنجي ڪشميري ڀائرن ۽ ڀينرن جي سياسي، سفارتي ۽ اخلاقي حمايت جاري رکنداسين. ترجمان چيو ته گذريل هفتي سرينگر ۾ ڀارتي قومي تحقيقاتي ايجنسي (اين آئي اي) سينيئر صحافي ۽ انساني حقن جي ڪارڪن عرفان م??را?? کي گرفتار ڪيو، پاڪستان کي عرفان م??را?? ۽ خرم پرويز سميت درجنين ڪشميري صحافين ۽ انساني حقن جي محافظن جي حفاظت ۽ خيريت بابت ڳڻتي آهي جيڪي ڀارت جي غيرقانوني طور تي قبضي هيٺ ??مو?? ۽ ڪشمير ۽ ڀارت جي جيلن ۾ قيد آهن. ترجمان ڀارت تي زور ڏنو ته هو صحافين ۽ انساني حقن جي محافظن کي دٻائڻ ۽ والاريل علائقي ۾ راءِ جي اظهار ۽ اجتماع جي آزادي کي سل?? ڪرڻ جي پاليسي ختم ڪري.