اسلام آباد – 12 – مئي (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي وفاقي محتسب جو فيصلو برقرار رکندي نيشنل يونيورسٽي آف سائنس اينڊ ٽيڪنالاجي (نسٽ) کي متاثر شاگرد کي 11270 ڊالر جي رهتن جي رقم واپس ڪرڻ جي ??دايت ڪري ڇڏي. متاثر شاگرد 15 سال اڳ شروعاتي مرحلن ۾ ئي يونيورسٽي جي سيٽ ڇڏي ٻي يونيورسٽي ۾ داخلا وٺي ڇڏي هئي پر نسٽ فيس واپس ڪرڻ بدران ضبط ڪري ڇڏي هئي. صدر قرار ڏنو ته نسٽ غيرمنصفاڻي طور تي فيس ضبط ڪري ب??انتظامي ڪئي. ايوان صدر جي ??ريس ونگ موجب صدر کي اهو معاملو 2022ع ۾ موڪليو ويو جيڪو 15 سال پراڻو هو. صدر چيو ته نسٽ وفاق?? حڪومت جي انتظام هيٺ ”ايجنسي“ آهي، نسٽ ڪو نجي ??اپاري ادارو نه آهي، عوامي شعبي ۾ خدمتون فراهم ڪندڙ ادارو آهي، نسٽ جي ??راسپيڪٽس جي ڪا به شق قانون جي ??قرر ڪيل حد کان اڳتي نه ٿي وڌي سگهي. هن چيو ته ڪا پاليسي يا ضابطي ڪار استحصال ۽ شخص جي حقن بابت پاڪستان جي ائين جي شقن کي ڪالعدم نه ٿا ڪري سگهن، داخلا نه وٺڻ جي ب??وجود شاگرد جون رهتون ضبط ڪرڻ استحصال ۽ بدديانتي جي ب??ابر آهي. تفصيل موجب شاگرد نسٽ ۾ 2007ع ۾ ايم بي بي ايس ۾ داخلا ملڻ تي 11420 ڊالر داخلا فيس جمع ڪرائي، ٻي يونيورسٽي ۾ داخلا ملڻ تي هن سيٽ ڇڏي ڏني ۽ رقم جي ??اپسي جي ??اءِ درخواست ڏني. نسٽ ريفنڊ پاليسي کي بنياد بڻائيندي درخواست رد ڪري ڇڏي. شاگرد جي ??الد (شڪايت ڪندڙ) 2008ع ۾ وفاقي محتسب سان رابطو ڪيو، جنهن رقم واپس ڪرڻ جي ??دايت ڪئي. نسٽ فيصلي جي خلاف درخواست داخل ڪئي جنهن کي رد ڪيو ويو. نسٽ وضاحت نه ڪري سگهيو ته ان جي ??اليسي ڪيئن جائز آهي يا فيصلي سان ان کي مالي نقصان ٿيو. نسٽ پاران فيس برقرار رکڻ جي ??يصلي کي بنا جواز قرار ڏنو ويو. بعد ۾ نسٽ 2015ع ۾ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ هڪ رٽ پٽيشن داخل ڪئي. عدالت بدانتظامي جي ارتڪاب ۽ نسٽ جي ”ايجنسي“ هجڻ جي سوالن تي فيصلي جي ??اءِ معاملو صدر ڏانهن موڪلي ڇڏيو. صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته شاگرد کي پيش ڪيل ”عارضي داخلا“ کي حتمي داخلا ۾ ت??ديل نه ٿو ڪيو ويو، خالي ڪيل سيٽ تي نسٽ هڪ ٻئي شاگرد کي داخلا ڏني، نسٽ پاران هڪ ئي سيٽ تي ٻه فيسُون وصول ڪرڻ ڏٺو وڃي ته استحصال ۽ بدديانتي آهي، رقم جي ??اپسي رد ڪرڻ جو عمل ”جبري ۽ ضبطگي“ جي ب??ابر آهي، يونيورسٽي پراسپيڪٽس ۾ چيو ويو ته ٽيوشن فيس ۽ ڊيولپمينٽ فنڊ واپس نه ڪيا ويندا. صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته داخلا حتمي نه هجڻ ۽ نسٽ کي مالي نقصان نه ٿيڻ تي شاگرد رقم واپسي جو مستحق آهي، نسٽ بدانتظامي ڪئي، رهتون واپس ڪيون وڃن. هن چيو ته نسٽ جو قيام پارليامينٽ جي ايڪٽ تحت ڪيو ويو، صدر پاڪستان سرپرست اعليٰ ۽ وزيراعظم چانسلر آهي، نسٽ وفاق?? حڪومت جي ذريعي قائم آهي، ”ايجنسي“ جي زمري ۾ اچي ٿي. صدر هدايت ڪئي ته متاثر شاگرد کي ضبط ٿيل رقم ادا ڪئي وڃي.