پشاور – 25 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف هڪ ڏينهن جي دوري تي پشاور پهچي ويو. خيبرپختونخواهه جي گورنر حاجي غلام علي وزيراعظم جو استقبال ڪيو. انجنيئر امير مقام پڻ ان موقعي تي موجود هو. وفاقي گهرو وزير راڻا ثناءُ الله، ناڻي وارو وفاقي وزير اسحاق ڊار، منصوبابندي وارو وفاقي وزير اح??ن اقبال ۽ ٻيا وزيراعظم سان گڏ آهن. وزيراعظم ريڊيو پاڪستان پشاور جو دورو ڪندو جنهن جي عمارت تي 9 مئي 2023ع تي حملو ڪيو ويو هو. وزيراعظم کي ريڊيو پاڪستان جي عمارت، رڪارڊ ۽ نشريات کي ??هچندڙ نقصان ۽ بحالي جي ڪمن تي بريف??گ ڏني ويندي. وزيراعظم گورنر هائوس پڻ ويندو جتي کيس امن امان جي حوالي سان بريف??گ ڏني ويندي. خيبرپختونخواهه جي سياسي قيادت پڻ وزيراعظم سان ملاقات ڪندي.