ڪوئيٽا – 30 – مئي (اي پي پي) خاتون اول بيگم ثمينه عارف علوي چيو آهي ته بريسٽ ڪينسر، نفسياتي مسئلن ۽ م??ذوري کي منهن ڏيڻ جي ذميواري رڳو حڪومت وقت جي نه پر معاشري جي هر ماڻهو کي ان جي تدارڪ جي لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻو ??ون??و، معذور ماڻهن جي ڀلائي ۽ بريسٽ ڪينس?? جي روڪٿام بابت ورلڊ هيلٿ آرگنائيزيشن جو ڪردار ساراهه جوڳو آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن گورنر هائوس ڪوئيٽا ۾ ورلڊ هيلٿ آرگنائيزيشن جي تعاون سان ??اتيءَ جي ڪينسر، نفسياتي صحت ۽ م??ذوري بابت آگاهي فراهم ڪرڻ جي حوالي سان منعقد سيمينار کي خطاب ڪندي ڪيو. ان ??ان اڳ ڊس ايبيليٽيز، ريهيبيلي ٽيشن روڊ سيفٽي ورلڊ هيلٿ آرگنائيزيشن بابت ٽيڪنيڪل ايڊوائيزر ڊاڪٽر مريم ملڪ خاص مهمان ??ي ڀليڪار ڪيو ۽ سيمينا?? جي مقصدن تي روشني وڌي. ميزبان تنظيم پاران موضوع جي مناسبت سان شرڪت ڪندڙن کي تفصيلي بريفنگ پڻ ڏني. تقريب کي خطاب ڪندي بيگم ثمينه عارف علوي چيو ته حڪومت جي ڪوشش آهي ته سڄي ملڪ خاص طور تي بلوچستان ۾ بريسٽ ڪينسر ۽ م??ذوري بابت آگاهي جي حوالي سان ٺوس ۽ قابل عمل قدم کنيا وڃن، معاشري جي سمورن طبقن کي آگاهي جي لاءِ اڳتي وڌي ان موذي مرض جي روڪٿام لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻو ??ون??و. ان سان ??ڏوگڏ عورتن کي پاڻ تشخيص بابت رهنما هدايتن موجب پنهنجي صحت جو خيال رکندي هڪ مخصوص عمر کانپوءِ پنهنجي طبي معائني جي معمول کي اختيار ڪرڻو ??ون??و. سيمينار کي ڊائريڪٽر پاڪستان بيت المال، ڊائريڪٽر وومين ڊيولپمينٽ پارٽمينٽ، ٽيڪنيڪل ايڊوائيزر ڊيس ايبليٽيس اينڊ ريهيبليٽيشن، ڊبليو ايڇ او بلوچستان جي سربراهه ڊاڪٽر اسفند يار شيراني پڻ خطاب ڪيو. سيمينا?? جي پڄاڻي تي موضوع جي حوالي سان سوال جواب جو سيشن پڻ منعقد ڪيو ويو.