اسلام آباد– 09 – مئي (اي پي پي) آئين جي گولڊن جوبلي جي موقعي تي عالمي ڪنوينشن ۾ شرڪت جي لاءِ پاڪستان جي دوري تي آيل سع??دي پارليامينٽ جي چيئرمين ڊاڪٽر عبدالله بن محمد بن ابراهيم الشيخ قومي اسيمبلي جي ڊپٽي اسپيڪر زاهد اڪرم دراني سان ملاقات ڪئي جنهن ۾ پاڪستان ۽ سع??دي عرب جي وچ ۾ ٻطرفن لاڳاپن ۽ گولڊن جوبلي جي مناسبت سان منعقد ٿيندڙ عالمي ڪنوينشن بابت خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ڊپٽي اسپيڪر ان موقعي تي ڳالهائيندي چيو ته آئين جي گولڊن جوبلي جي موقعي تي عالمي ڪنوينشن ۾ توهان جي شرڪت اسان جي لاءِ خوشي جوڳي آهي. سع??دي عرب ۽ پاڪستان جي وچ ۾ لاڳاپا ڀائراڻا، ڀائيچاري، تاريخ جي مضبوط بنيادن تي قائم آهن. پاڪستان کي سع??دي عرب جي پنهنجي دوستاڻي ۽ ڀائراڻي هجڻ تي فخر آهي. پاڪستان جي پارليامينٽ ۽ عوام سع??دي عرب جي حڪومت ۽ عوام سان گهري وابستگي رکن ٿا. هن چيو ته پاڪ سع??دي پارلياماني فرينڊشپ گروپ جي وچ ۾ پارلياماني سطح تي وفدن جي مٽاسٽا ضروري آهي. پاڪستان جي اترئين علائقن کي الله تعاليٰ تمام گهڻي خوبصورتي سان نوازيو آهي. خواهش آهي ته سع??دي ڀائر پنهنجي فيمليز سان گڏ پاڪستان جي اترئين علائقن جي سير ڪن. سع??دي پارليامينٽ جي چيئرمين چيو ته هو پاڪستان کي پنهنجو گهر تصور ڪري ٿو. پاڪستان جي عوام کان ملندڙ محبت سدائين ياد رهندي. سع??دي عرب پاڪستان جو ڏک سک جو دوست آهي جيڪو هر مشڪل گهڙيءَ ۾ گڏ بيٺل رهي ٿو. پاڪستان جي سمورن صوبن جي عوام انتهائي محبت ڪندڙ عوام آهي. هن چيو ته پاڪستان ۽ سع??دي عرب جي وچ ۾ لاڳاپا دنيا جي لاءِ مثال آهن. پارلياماني سطح تي رابطن جو فروغ ضروري آهي. سع??دي پارلياماني فرينڊشپ گروپ جي وچ ۾ مٽاسٽا ٻطرفن لاڳاپن ??ي وڌيڪ مستحڪم بڻائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪندي.