اسلام آباد-03 جون (اي پي پي) سڌ سماءَ واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته وزيراعظم شهباز شر??ف ترڪيه پهچي ويو آهي ۽ اڄ رجب طيب اردگان جي ٽئين صدارتي مدي جي حلف برداري واري تاريخي تقريب ۽ ترڪيه جي ڀائرن ۽ ڀينرن جي خوشي ۾ شر??ڪ ٿيندو. پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ سڌ سماءَ واري وزير چيو ته پاڪستان ۽ ترڪيه جي قيادت وچ ۾ ويجهي شراڪتداري ٻنهي برادر ع??ام جي وچ ۾ اخوت، محبت ۽ ڀائيچاري جي لازوال رشتن جي عڪاسي ڪري ٿو. جڏهن ته قائد محمد نواز شر??ف ۽ وزيراعظم شهباز شر??ف جي ترڪيه جي صدر اردگان سان ذاتي برادراڻن ناتن اخوت جي ان ٻنڌڻ کي وڌيڪ منفرد ۽ سگهارو بڻايو آهي.