اسلام آباد – 24 – ??ولاءِ (اي پي پي) پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري يورپي يونين جي پرڏيهي معاملن ۽ سيڪيورٽي پاليسي ب??بت اعليٰ نمائندي جوزف بوريل سان ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه ڪئي. پرڏيهي وزير بليڪ سي گرين انيشي ايٽو (بي ايس جي آئي) جو مدو ختم ٿيڻ تي پاڪستان جي خدشن کان آگاهه ڪندي چيو ته ان جي نتيجي ۾ غذائي ناڻي واڌ ۽ غذائي تحفظ بابت چئلينجز پاڪستان جهڙن اسرندڙ ملڪن تي منفي اثر ڇڏيندا، جيڪي اڳ ۾ ئي معاشي دٻاءُ جو شڪار آهن. پرڏيهي آفيس جي ترجمان موجب پرڏيهي وزير چيو ته هن ان موضوع تي پنهنجي يوڪرائني ۽ ترڪ هم منصبن سان پڻ ڳالهه ٻولهه ڪئي آهي. هن اميد ظاهر ڪئي ته ان قدم کي ب??ال ڪرڻ جي ڪوششون سمورين ڌرين جي خدشن کي نظر ۾ رکندي ڳالهه ٻولهه ۽ تعميري مشغوليت جي ذريعي لاڀائتيُون ٿينديون. پرڏيهي وزير يورپي يونين جي اعليٰ نمائندي کي درخواست ڪئي ته هو اهڙو حل ڳولڻ ۾ مدد جي لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪري جنهن سان بي ايس جي آئي جي تجديد ممڪن ٿئي ۽ ان سلسلي ۾ گ??يل ڪوششن ۾ حصو وجهڻ جي لاءِ پاڪستان جي راضپي کان آگاهه ڪيو. پرڏيهي وزير ۽ يورپي يونين جي اعليٰ نمائندي ان معاملي ۽ گڏيل دلچسپي جي ٻين معاملن تي رابطي ۾ رهڻ تي اتفاق ڪيو.