اسلام آباد – 31 – جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف باجوڙ، خار ۾ دهشتگردي جي واقعي جي سوڳ ۾ سي پيڪ جي 10 سالا تقريبون سادگي سان ملهائڻ جو فيصلو ڪيو آهي، ان سلسلي ۾ وزيراعظم جي هدايت تي سي پيڪ کي 10 سال مڪمل ٿيڻ جي خوشي ۾ ڪلچر شو پڻ ملتوي ڪيو ويو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ موجب سي پيڪ جا 10 سال مڪمل ٿيڻ جي خوشي ۾ تقريب ڪلچرل شو کانسواءِ سادگي سان منعقد ٿين??ي. ??ين جو نائب وزيراعظم هي لي فينگ جي اچڻ جي موقعي تي ڪلچرل شو منعقد ٿيڻو هو. وزيراعظ?? هدايت ڪئي ته قوم سوڳ جي حالت ۾ آهي، ??نه?? ڪري ڪلچرل شو منعقد نه ڪيو وڃي. واضح رهي ته باجوڙ خار ۾ گذريل ڏينهن جي يو آءِ (ف) جي ورڪرز ڪنوينشن ۾ دهشتگردي سان 44 ماڻهو شهيد ۽ 200 کان وڌيڪ زخمي ٿيا هئا.