راولپنڊي – 18 – آگسٽ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري نگران وفاقي وزير راولپنڊي ۾ قومي اسيمبلي جي اڳوڻي ميمبر طاهره اور??گز??ب جي رهائشگاهه تي ويو ۽ اطلاعات واري اڳوڻي وفاقي وزير ۽ مسلم ليگ (ن) جي ترجمان مريم اور??گز??ب سان ملاقات ڪئي. اطلاعات واري اڳوڻي وزير مريم اور??گز??ب اطلاعات وارو نگران وزير بڻجڻ تي مرتضيٰ سولنگي کي مبارڪباد ڏني ۽ دعا ڪئي ته توهان ان قومي ذميواري ۾سرخرو ٿيو. اطلاعات واري نگران وزير مرتضيٰ سولنگي مريم اور??گز??ب جي گهرڀاتين ۽ ٻارن سان پڻ ملاقات ڪئي. ان موقعي تي نگران وفاقي وزير مريم اور??گز??ب کي 16 مهينن ۾ اطلاعات واري وزارت کي بهترين انداز ۾ هلائڻ تي مبارڪباد ڏيندي چيو ته پيمرا (ترميمي) بل 2023ع جي شاندار قانونسازي توهان جي جمهوري مزاج ۽ مشاورت جي هنر جو ڪمال ثابت ٿيو. هن چيو ته مريم اور??گز??ب ??ار??ردگي جو معيار قائم ڪيو، ڪوشش هوندي ته ان جو تسلسل جاري رکي سگهان. اطلاعات واري نگران وزير مرتضيٰ سولنگي مريم اور??گز??ب سان ملڪ جي مجموعي صورتحال ۽ اطلاعات ۽ نشريات واري وزارت جي حوالي س??ن معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. ان کان اڳ اچڻ تي مريم اور??گز??ب پنهنجي والده طاهره اور??گز??ب ۽ ٻين گهرڀاتين سان گڏ مرتضيٰ سولنگي جو استقبال ڪيو ۽ کيس گلدستو پيش ڪيو. اطلاعات واري نگران وزير نيڪ خواهشن جي اظهار ۽ مبارڪباد تي طاهره اور??گز??ب، مريم اور??گز??ب، حسن اور??گز??ب ۽ ٻين گهرڀاتين جا ٿورا مڃيا.