اسلام آباد – 25 – آگسٽ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي پاڪ قطر فيملي تڪافل لميٽيڊ جي وفاقي انشورنس محتسب جي فيصلي جي خلاف درخواست رد ڪندي انشورنس ڪمپني کي منافعي ??مي?? 20 لک رپ??ا شهري کي واپس ڪرڻ جي هدايت ڪري ڇڏي، انصاف جي گهرج آهي ت?? ڪمپني اصل رقم منافعي سا?? گڏ واپس ڪري. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب وحيد احمد (شڪايت ڪندڙ) 2015ع ۾ البرڪه بئنڪ جي ذريعي تڪافل پلان خريد ڪيو، بئنڪ نمائندي تاثر ڏنو ته 20 لک هڪ ئي وقت ادائيگي ڪرڻي پوندي، 5 سا??ن کانپوءِ رقم منافعي سا?? گڏ واپس ملي ويند??، صارف کي 11 سا??ن جي لاءِ 5 لک رپ??ن جي سا??ياني پريميئم سا?? گڏ چار پاليسيون جاري ڪيون ويون، شڪايت ڪندڙ هر سا?? پريميئم جي وڏي رقم ادا ڪرڻ کان قاصر هو، ڪمپني کي درخواست ڪئي ته پاليسي رد ڪري ڇڏي. صارف 20 لک رپ??ن جي رقم واپس ڪرڻ جو چيو پر رقم واپس نه ڪئي وئي. شڪايت ڪندڙ وفاقي انشورنس محتسب سا?? رجوع ڪيو جنهن صارف جي حق ۾ حڪم جاري ڪري ڇڏيو. بعد ۾ محتسب جي فيصلي جي خلاف ڪمپني صدر کي اپيل داخل ڪئي. صدر ڊاڪٽر عارف علوي انشورنس ڪمپني پاليسي هولڊر کي 20 لک رپ??ا 6 سا??ن جي منافعي سا?? گڏ واپس ڪر??، صارف کي رڳو هڪ پاليسي بدران وڏي سا??ياني پريئيم تي ڪيتريون ئي انشورنس پاليسيون جاري ڪيون ويون. هن چيو ته تڪافل پلان 2015ع ۾ صارف کي غلط طرز تي وڪرو ڪيو ويو، ڪمپني ايتري عرصي ۾ رقم ڪاروبار ۾ لڳائي مناسب منافعو ڪمايو هوندو، بئنڪ نمائندي تڪافل پلان بابت صارف کي غلط معلومات ڏئي راغب ڪيو. شڪايت ڪندڙ کي غلط معلومات ڏني وئي ته تڪافل پلان 5 سا??ن جي لاءِ آه??، صارف 11 سا??ن جي لاءِ چار انشورنس پاليسين جي ڪڏهن به چونڊ نه ڪئي. صدر چيو ته انشورنس ڪمپني 20 لک رپ??ا ورتا، سيڙپڪاري ڪئي، منافعو ڪمايو، ڪو شخص غيرمنصفاڻي طور تي ٻين جي وسيلن تي پاڻ کي امير نه ٿو ڪري سگهي، شڪايت ڪندڙ کي منافعي ۾ ان جي حصي کان محروم ڪرڻ ناانصافي هوندي، ڪمپني منافعو ڪمايو پر غيرمنصفاڻي طور تي صارف کي ادائيگي کان انڪار ڪيو. صدر پاڪ قطر فيملي تڪافل لميٽيد جي وفاقي انشورنس محتسب جي فيصلي جي خلاف درخواست رد ڪندي قرار ڏنو ت?? ڪمپني رقم تي وڌيڪ شرح سا?? چارجز ڪٽڻ جو ڪو ٺوس سبب نه ڏنو. صدر حڪم ڏنو ت?? ڪمپني 30 ڏينهن ۾ شڪايت ڪندڙ کي منافعي سا?? گڏ 20 لک رپ??ا واپس ڪري.