اسلام آباد – 14 – سيپٽمبر (اي پي پي) پاڪستان جي افغانستان بابت خصوصي نمائندي آصف دراني 11 کان 12 سيپٽمبر تائين ايران جو ٻن ڏينهن جو دورو ڪيو. اها ڳالهه پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ پريس بريفنگ ۾ ٻڌائي. سفير آصف دراني پنهنجي ايراني هم منصب خصوصي نمائندي علي قمي سان ڳالهه ٻولهه کانسو??ءِ ايران جي پرڏيهي وزير امير عبداللهيان سان پڻ ملاقات ڪئي. ترجمان چيو ته اهو دورو افغانستان ۾ امن ۽ استحڪام جي گڏيل آئيڊيل کي فروغ ڏيڻ جي ل??ءِ ٻين پاڙيسري ??لڪن سان گڏجي ڪم ڪرڻ جي ل??ءِ پاڪستان جي عزم جي عڪاسي ڪري ??و.