نيويارڪ – 23 – سيپٽمبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ چيو آهي ته ڪئناڊا ۾ سک اڳواڻ جو قتل اولهه جي لاءِ جهٽڪو آهي، هاڻي انهن جون اکيون کليون آهن، پاڪستان ڏهاڪن کان ڀارتي دهشتگردي جو شڪار آهي، ڀارت ۾ اقليتن کي نشانو بڻايو پيو وڃي، اهڙي رويي کي روڪڻ جي لاءِ اتحاد ٺاهڻ جي ??خت ضرورت آهي، ڀارت جي ??يرقانوني قبضي هيٺ ڪشمير ۾ ڪشميرين جي نسل ڪشيءَ سان انساني الميو جنم وٺي رهيو آهي، ذخيره اندوزن ۽ ڊالر مافيا جي ??لاف ڪارروائي جي نتيجي ۾ کنڊ ۽ غذائي جنسن جي قيمتن ۾ گهٽتائي آئي آهي، حڪومتي پاليسين جي ڪري ٻاهريان سيڙپڪار پاڪستان ۾ سيڙپڪاري جي لاءِ تيار آهن، اميد آهي اليڪشن ڪميشن چونڊن جي ??اريخ جو اعلان جلد ڪندي، چونڊن ۾ سمورين سياسي پارٽين کي برابر موقعا فراهم ڪيا ويندا ۽ قانون جي ??لاف ورزي ڪندڙن جي ??لاف قانون موجب منهن ڏنو ويندو. اهڙن خيالن جو اظهار هن پاڪستاني مشن ۾ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو. هن چيو ته نيويارڪ دورو پڄاڻي تي پهت?? ۽ ??ن دوران ملڪي سربراهن ۽ اهم وفدن سان ٻرطرفيون ملاقاتون ٿيون، مجموعي طور تي هي دورو ڪامياب رهيو. هن چيو ته دوري دوران گڏيل قومن جي ??نرل سيڪريٽري انتونيو گوتريس سان ملاقات ٿي، دوري دوران ڪشمير مسئلي ۽ ڀارتي هندوتوا تي ڳالهه ٿي، مختلف فورمز تي موسمياتي تبديلي جو معاملو پڻ اٿاريو. نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ چيو ته ڪشمير ۽ فلسطين مسئلي ۽ موسمياتي تبديلي بابت پاڪستان جو موقف ڀرپور انداز ۾ پيش ڪيو، قوم جي ڀرپور انداز ۾ نمائندگي ڪئي. هن چيو ته ايراني صدر سان ملاقات دوران گهڻ رخي معاملن تي ڳالهه ٻولهه ٿي. نگران وزيراعظم چيو ته پاڪستان ڏهاڪن کان ڀارتي دهشتگردي جو شڪار آهي، ڀارت دهشتگردي کي هٿيار طور استعمال ڪري رهيو آهي، پاڪستان ڀارت سان تعميري ڳالهه ٻولهه لاءِ تيار آهي. هن چيو ته ڪئناڊا ۾ سک اڳواڻ کي بي رحمي طريقي سان قتل ڪيو ويو ان سان اولهه ملڪن کي جهٽڪو لڳو هاڻي انهن جون اکيون کليون آهن ۽ اهي سنجيده سوال اٿاري رهيا آهن. هن چيو ته ڀارت ۾ مسلمانن، سکن سميت سمورن اقليتن کي نشانو بڻايو پيو وڃي اهڙي طرح جي ??ويي جي ??وڪٿام لاءِ اتحاد ٺاهڻ جي ??خت ضرورت آهي. نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ چيو ته افغانستان سان تعميري ڳالهه ٻولهه ٿي رهي آهي، پاڪستان افغانستان جي ??الميت ۽ خودمختياري جو احترام ڪري ٿو. هن چيو ته قانون جي ??لاف ورزي ڪندڙن کي قانون موجب منهن ڏنو ويندو. نگران وزيراعظم چيو ته پاڪستان معاشي بحالي ۽ پرڏيهي سيڙپڪاري کي راغب ڪرڻ جي لاءِ ايس آئي ايف سي جي ??ريعي قدم کڻي رهيو آهي، آءِ ايم ايف ج?? مئنيجنگ ڊائريڪٽر سان پڻ تفصيلي ڳالهه ٻولهه ٿي. هن چيو ته آءِ ايم ايف سان اعتماد سازي جي لاءِ قدمن تي عمل پيرا آهيون، جڏهن ايندڙ چونڊيل حڪومت ايندي ته اها پنهنجي منشور موجب آءِ ايم ايف سان ڳالهين کي اڳتي کڻي هلندي. هن چيو ته شين جي پهچ ۽ طلب، ذخيره اندوزي سان مهانگائي ٿئي ٿي، ذخيره اندوزن، کنڊ مافيا، ڪڻڪ مافيا جي ??لاف سخت انتظامي قدم کنيا آهن جنهن سان مصنوعي مهانگائي ختم ڪئي آهي، ملڪ ۾ اٽي ۽ کنڊ جي ڪا کوٽ نه آهي، مصنوعي غيرقانوني ڪرنسي ٽريڊ ۾ مداخلت سان ڊالر جي قيمتن ۾ گهٽتائي آئي آهي جنهن کي ساراهيو ويو آهي. نگران وزيراعظم چيو ته پاڪستان ۾ اڻوڻندڙ ماحول جو تاثر صحيح نه آهي. هن چيو ته پاڪستان جا آمريڪا سان گهڻ رخا ۽ مضبوط لاڳاپا آهن، آمريڪا ۾ 10 لک پاڪستاني رهن ٿا ۽ مختلف شعبن ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهيا آهن، آمريڪا ۾ پاڪستاني شاگرد اسڪالرشپس تي تعليم حاصل ڪري رهيا آهن، پاڪ آمريڪا اتحاد ۽ تعاون جي پراڻي تاريخ آهي. هن چيو ته پاڪستان آزاداڻي پاليسي تي عمل پيرا آهي، نگران حڪومت ملڪ جي مفاد ۾ فيصلا ڪري رهي آهي. هن چيو ته جڙانوالا واقعو پاڪستاني رياست جي لاءِ ايتري بدنامي جو سبب نه بڻيو جيترو مني پور جا واقعا ڀارت جي لاءِ شرمناڪ آهن، مني پور رياست ۾ مسيحي برادري سان اڻوڻندڙ سلوڪ ڪيو پيو وڃي، مني پور ۾ سوين مرد عورتن کي قتل ڪيو ويو جڏهن ته جڙانوالا واقعي ۾ ڪو جاني نقصان نه ٿيو، پاڪستان بطور رياست ذميوارن جي ??لاف ڪارروائي ڪئي. مون ۽ آرمي چيف ان واقعي جو سخت نوٽيس ورتو. نگران وزيراعظم چيو ته اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان چونڊون ڪرائڻ جي ??اريخ جو جلد اعلان ڪندي، ڪنهن به سياسي پارٽي کي چونڊ عمل ۾ حصو وٺڻ کان نه روڪيو ويندو، اڃا تائين اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان ڪنهن سياسي پارٽي تي پابندي ناهي لڳائي، جيڪو ملڪي قانونن جي ??لاف ورزي ڪري ۽ شهرين جي ??ان ۽ مال کي نقصان پهچائي ۽ پوءِ چوي ته ان جو سياست سان تعلق آهي ته اهڙي طرح جي ??رگرمين تي بنا دير جي قانون موجب ڪارروائي ڪئي ويندي. هن چيو ته قانونن ۾ ڪنهن سان صنفي فرق نه ٿو ڪيو وڃي، قانون تي عمل پيرا آهيون، ڪنهن ٻاهرئين قوت کي جوابده نه آهيون، ??سا?? خودمختيار ملڪ آهيون. هن چيو ته پاڪستاني شهري هجن يا ٻين ملڪن سان تعلق رکندا هجن، قانون جي ??لاف ورزي تي انهن جي ??لاف پاڪستاني قانون موجب ڪارروائي ٿيندي. نگران وزيراعظم چيو ته نگران حڪومت سمورين سياسي پارٽين سان شفاف ۽ غيرجانبدراڻو رويو رکندي، نواز شريف جي معاملي تي قانون تي عمل ڪيو ويندو. هن چيو ته روس ??سا?? جو اهم پاڙيسري ملڪ آهي ان سان هر سطح تي تعميري لاڳاپا چاهيون ٿا، گڏيل قومن جي منشور جي ڪنهن ملڪ کي خلاف ورزي نه ڪرڻ گهرجي، ڪنهن خودمختيار ملڪ جي ??ودمختياري جي ??لاف ورزي جي مخالفت ڪريون ٿا. هن چيو ته مسئلا جنگ سان نه ڳالهين جي ??ريعي حل ٿيندا آهن، يوڪرين ۽ روس کي ڳالهين تي غور ڪرڻ گهرجي. هن چيو ته ڀارت والاريل ڪشمير ۾ ڪشميرين جي نسل ڪشي ڪري رهيو آهي، غاصب قوتون منظم طريقي سان مخالفن جي نسل ڪشي ڪن ٿيون، ڪشمير ۾ نسل ڪشي سان انساني الميو جنم وٺي رهيو آهي، هزارين ڪشميرين کي عدالت کان مٿانهون قتل ڪيو ويو آهي. هن چيو ته حڪومتي قدمن جي ڪري ڊالر، کنڊ ۽ غذائي جنسن جي قيمتن ۾ گهٽتائي آئي آهي جيڪا حوصلي جوڳي ڳالهه آهي، ??سا?? معيشت کي مستحڪم ڪرڻ جي ??خ تي گامزن ڪري چونڊيل حڪومت جي ??والي ڪرڻ جا خواهشمند آهيون. هن چيو ته رجسٽرڊ افغان پناهگيرن جي ??والي سان عالمي ذميواريون آهن جن کي پورو ڪرڻ ??سا?? جي ??ميواري آهي، پاڪستان ۾ 50 لک افغان پناهگيرن رهن ٿا انهن ۾ 28 لک رجسٽرڊ ۽ باقي غيررجسٽرڊ آهن غير رجسٽرڊ افغان پناهگيرن کي وطن واپسي جي لاءِ قدم کڻي رهيا آهيون. هن چيو ته پاڪستان ۾ ٻوڏ کي منهن ڏيڻ جي لاءِ جنيوا ڪانفرنس دوران 10 ارب ڊالر جو واعدو ڪيو ويو اميد آهي ان واعدي تي عمل ڪيو ويندو، ان حوالي سان ڪجهه منصوبن تي ڪم شروع ٿي ويو آهي ۽ باقي تي جلد ڪم شروع ٿيندو، منصوبابندي واري وزارت کي ان حوالي سان فوري قدم کڻڻ جي هدايت ڪئي آهي. هن چيو ته ڪنهن کي ٻاهرئين ملڪ مان وطن واپس ايندڙ پاڪستانين کي پريشان ڪرڻ جي ??جازت نه ڏينداسين. هن چيو ته پاڪستان جي ??فارتي اڪيلائپ جي ??ڪار ٿيڻ جو تاثر صحيح نه آهي، گڏيل قومن جي ??نرل اسيمبلي جي ??جلاس جي موقعي تي ڪيترن ئي ملڪي سربراهن ۽ وفدن سان ملاقاتون ٿيون. انهن پاڪستان سان لاڳاپن کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ تي ڳالهه ٻولهه ڪئي. ان اجلاس جي موقعي تي ترڪيه ۽ سعودي عرب ڪشمير تي پاڪستاني موقف جي ??ائيد ڪئي جنهن تي انهن جا ٿورائتا آهيون. پاڪستاني سفارتخانا ٻاهرئين ملڪ بهترين ڪم ڪري رهيا آهن.