سرينگر – 27 آڪٽوبر (اي پي پي) ڪنٽرول لائن جي ٻنهي پاسن ۽ سڄي دنيا ۾ رهندڙ ڪشميرين ڄمعي تي ڪارو ڏهاڙو ملهايو جنهن جو مقصد دنيا کي واضح پيغام ڏيڻ آهي ته ڀارت انهن جي ??طن تي غير قانوني طور تي ۽ انهن جي خواهشن جي ابتڙ قبضو ڪيو آهي. ڪشمير ميڊيا سروس مطابق ڪارو ڏهاڙو ملهائڻ جو سڌ ڪل جماعتي حريت ڪانفرنس ڏنو آهي. 27 آڪٽوبر 1947 تي ڄمون ?? ڪشمير تي ڀارتي فوج جي جارحيت ۽ نريندر مودي جي فسطائي ڀارتي حڪومت طرفان 5 آگسٽ 2019 تي والاريل ڪشمير جي خاص حيثيت کي رد ڪرڻ جي مذمت لاءِ گذري ڏينهن آزاد ڄمون ?? ڪشمير، پاڪستان ۽ سڄي دنيا ۾ احتجاجي مارچ، ريليون ?? سيمينار منعقد ڪيا ويا.