اسلام آباد – 27 – آڪٽوبر (اي پي پي) روس جي گادي واري شهر ماسڪو ۾ پاڪستان جي سفارتخاني ۾ والا??يل ڪشمير تي ڀ??رت جي غاصباڻي ق??ضي جي خلاف 27 آڪٽوبر تي ڪاري ڏينهن طور ملهائڻ جي لاءِ خصوصي تقريب جو اهتمام ڪيو ويو. تقريب ۾ رشين فيڊريشن ۾ پاڪستان جي سفير محمد خالد جمالي، روس ۾ پاڪستاني ڪميونٽي جي ميمبرن ۽ سفارتخاني جي عملدارن شرڪت ڪئي. سيڪنڊ سيڪريٽري محمد طيب ۽ سيڪنڊ سيڪريٽري ڊاڪٽر جيٺا نند ترتيبوار صدر پاڪستان ۽ وزيراعظم پاڪستان جا پيغام پڙهي ٻڌايا. ان موقعي تي ڄمون ۽ ڪشمير ۾ ڀارتي غيرقانوني ق??ضي جي خلاف ڪشميري عوام جي مزاحمت جي حوالي سان هڪ دستاويزي فلم ڏيکاري وئي. والا??يل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ ڀارتي ق??بض فوج جي ظلمن ۽ آز??دي جي جدوجهد جي تصويري نمائش جو پڻ اهتمام ڪيو ويو.