اسلام آباد – 11 – ڊسمبر (اي پي پي) صدر ??اڪٽر عارف علوي ??ورتن ۽ معذور ماڻهن سميت محروم طبقن کي مرڪزي ڌارا ۾ آڻڻ، مصنوعي ذهانت مان فائدو کڻڻ ۽ ڏاهپ سان فيصلاسازي کي ملڪ جي ترقي ۽ خوشحالي جي لاءِ لازمي قرار ڏيندي چيو آه?? ته نئين گريجوئيٽس کي عملي زندگي ۾ شامل ٿيڻ کانپوءِ عورتن کي پنهنجي ڪاروبار ۽ لاڳاپيل شعبن ۾ ڪم ڪرڻ جو محفوظ ماحول فراهم ڪرڻ سان گڏوگڏ معذور عورتن جي لاءِ موقعا پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪرڻ گهرجي. صدر اهڙن خيالن جو اظهار ايوان صدر ۾ انسٽيٽيوٽ آف ڪاسٽ اينڊ مئنيجمينٽ اڪائونٽنٽس آف پاڪستان (آءِ سي ايم اي) جي ڪانووڪيشن جي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. صدر نئين گريجوئيٽس تي زور ڏنو ته اهي پنهنجي ملازمن جي ڀلائي ۽ ماحولياتي تحفظ جي لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ سان گڏوگڏ پنهنجي لاڳاپيل صنعتن سان گڏوگڏ معاشري ۾ پنهنجون ذميواريون به ادا ڪن. هن تعليمي ادارن تي زور ڏنو ته اهي اڳواڻ پيدا ڪن ڇو ته ملڪ کي قيادت جي شديد کوٽ درپيش آه?? جيڪا عوام ۽ قوم سان ايماندار هجڻ سان گڏوگڏ مسئلن کي حل ڪرڻ جي صلاحيت رکندي هجي. صدر غزه ۾ جاري فوتگين جي مذمت جو ورجاءُ ڪيو. هن ڀارتي سپريم ڪورٽ پاران ڀارت جي غيرقانوني طور تي قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ آرٽيڪل 370 جي منسوخي کي برقرار رکڻ جي فيصلي کي رد ڪيو. صدر غزه ۾ ٿيندڙ ڏاڍ تي ترقي يافته دنيا جي ضمير تي سوال اٿاريندي چيو ته دنيا کي اخلاقيات تي ٻڌل اصولن جي سخت ضرورت آه?? جيڪو مسلمانن جو ميراث آه??. هن چيو ته بدقسمتي سان مفادپرستي عالمي معاملن ۾ انسان دوستي تي حاوي آه??. هن چيو ته اٽڪل 28 ملين پاڪستاني ٻار اسڪولن کان ٻاهر آه?? ۽ انهن کي پنهنجي مستقبل کي روشن ڪرڻ جي لاءِ مدد جي ضرورت آه??. صدر ??يو ته ملڪ کي پروفيشنل گريجوئيٽس جي کوٽ درپيش آه?? تنهن ڪري انهن کي ٻاهرئين ملڪ وڃڻ جي ترغيب ڏيڻ جو طريقو بنا جواز آه??. صدر ??يو ته نئين گريجوئيٽس کي عملي زندگي ۾ شامل ٿيڻ کانپوءِ عورتن کي پنهنجي ڪاروبار ۽ لاڳاپيل شعبن ۾ ڪم ڪرڻ جو محفوظ ماحول فراهم ڪرڻ سان گڏوگڏ معذور عورتن جي لاءِ موقعا پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪرڻ گهرجي. ان کان اڳ پنهنجي آجياڻي واري خطاب ۾ آءِ سي ايم اي جي صدر شهزاد احمد ملڪ چيو ته ادارو معياري تعليم فراهم ڪرڻ جي لاءِ پرعزم آه?? ڇو ته اهو بهترين عالمي طريقن کي اختيار ڪندي پنهنجي معيار کي مسلسل بهتر بڻائي رهيو آه??. هن چيو ته آءِ سي ايم اي خطي جي قديم ترين ادارن مان هڪ آه?? جنهن جا 8 هز??ر اهل ميمبر ۽ 18 هز??ر فعال شاگرد آه??. هن چيو ته انسٽيٽيوٽ دنيا جي ناليوارن پيشيور ادارن سان پڻ واڳيل آه?? ۽ هو صنعتن ۽ ڪاروبار جي اڀرندڙ ضرورتن کي پورو ڪرڻ جي لاءِ پرعزم آه??. آءِ سي ايم اي جي صدر ??يو ته صدر ??اڪٽر عارف علوي ??ي هدايت تي بهترين عالمي طرز عمل اختيار ڪندي آءِ سي ايم اي پنهنجي نتيجن ۾ نمايان بهتري آندي آه?? جنهن کي بعد ۾ صدر پڻ ساراهيو. ڪانووڪيشن جي تقريب ۾ سفارتڪارن، اسلام آباد ۽ راولپنڊي جي چيمبرز آف ڪامرس اينڊ انڊسٽريز جي صدرن ۽ ڪارپوريٽ اڳواڻن کانسواءِ شاگردن ۽ فارغ ٿيندڙ شاگردن جي والدين پڻ شرڪت ڪئي. ان کان اڳ صدر نئين گريجوئيٽس کي سرٽيفڪيٽس ۽ ڪائونسل جي ميمبرن کي ميڊلز ڏنا.