اسلام آباد – 01 – جنوري (اي پي پي) نگران و??ير??عظم انوارالحق ڪاڪڙ هدايت ڪئي آهي ته ڀاڻ جي ذخيره اندوزي ۽ ناجائز منافعي خوري ۾ ملوث عنصرن جي خلاف قانوني ڪارروائي ڪئي وڃي، ڀاڻ جي ذخيره اندوزي سان آبادگارن جو استحصال ڪندڙن کي معاف نه ڪنداسين، يوريا ڀاڻ جي طلب ۽ پهچ جي سخت نگراني ڪئي وڃي. و??ير??عظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري پڌرائي موجب نگران و??ير??عظم انوارالحق ڪاڪڙ چيو ته سڄي ملڪ ۾ يوريا ڀاڻ ضرورت موجب دستياب آهي. هن هدايت ڪئي ته ڀاڻ جي ذخيره اندوزي ۽ ناجائز منافعي خوري ۾ ملوث عنصرن جي خلاف قانوني ڪارروائي ڪئي وڃي، ڀاڻ جي ذخيره اندوزي سان آبادگارن جو استحصال ڪندڙن کي معاف نه ڪنداسين. نگران و??ير??عظم هدايت ڪئي ته سڄي ملڪ ۾ يوريا ڀاڻ جي آبادگارن تائين پهچ کي آسان بڻايو وڃي، يوريا ڀاڻ جي طلب ۽ پهچ جي سخت نگراني ڪئي وڃي. نگران و??ير??عظم هدايت ڪئي ته ??اڳ??پيل وفاقي وزارتون صوبائي حڪومتن کي يوريا ڀاڻ جي پيداوار ۽ پهچ جا انگ اکر فراهم ڪري ڀاڻ جي ذخيره اندوزي کي روڪڻ جي لاءِ ڪاررواين ۾ معاونت کي يقيني بڻائين. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته وڌيڪ اسٽاڪ جي لاءِ 2 لک ميٽرڪ ٽن يوريا درآمد ڪئي پئي وڃي. اجلاس ۾ ناڻي واري نگران وفاقي وزير ڊاڪٽر شمشاد اختر، توانائي واري نگران وفاقي وزير محمد علي، قومي غذائي تحفظ واري نگران وفاقي وزير ڪوثر عبدالله ملڪ، واپار واري نگران وفاقي وزير گوهر اعجاز، نگران صوبائي وڏن وزيرن ۽ ??اڳ??پيل سرڪاري آفيسرن شرڪت ڪئي.