اسلام آباد – 04 – جنوري (اي پي پي) اطلاعات، نشريات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي چيو آهي ته ڪو به انسان ڊس ايبل نه آهي، قدرت انسانيت کي لامحدود صلاحيتن سان نوازيو آهي، خصوصي ما??هو به ووٽ جو حق رکن ٿا، سياسي پارٽين ک?? چونڊ منشور ۾ خصوصي ما??هن جي لاءِ پروگرام پيش ڪرڻ گهرجن. اهڙن خيالن جو اظهار هن نيشنل پريس ڪلب ۾ پاڪستان ڊس ايبل فائونڊيشن جي اهتمام هيٺ خصوصي ما??هن جي لاءِ منعقد تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. اطلاعات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير چيو ته ڪو به انسان معذور نه آهي، قدرت انسانيت کي لامحدود صلاحيتن سان نوازيو آهي، جيڪي ما??هو اکين کان ڏسي نه ٿا سگهن اهي دل جي روشني سان تمام گهڻو ڪجهه ڏسي سگهن ٿا. هن چيو ته اسان کي معاشري جي خصوصي ما??هن جي ضرورتن جو خيال رکڻ گهرجي. هن وڌيڪ چيو ته دنيا جي سمورن ترقي يافته ملڪن ۾ خصوصي ما??هن جي ضرورت جو خيال رکيو وڃي ٿو ڇو ته سمورن ما??هن کي برابر حق حاصل آهن. هن آمريڪا جو مثال ڏيندي چيو ته آمريڪا جي هر رستي ۽ چوڪ تي رستن جي تعمير جي اندر اهڙي طرح سان ڪٽ هنيو وڃي ٿو جو ڪو ما??هو وهيل چيئر تي آساني سان گذري سگهي پر بدقسمتي سان اسان وٽ بلڊنگ ڪوڊز ۾ انهن شين جو خيال نه ٿو رکيو وڃي. هن چيو ته خصوصي ما??هن جي حقن جي لاءِ قانونسازي جي ضرورت آهي ۽ قانونساز?? چونڊيل نمائندا ڪندا آهن. نگران وفاقي وزير چيو ته چونڊن کان ڪجهه هفتا اڳ خصوصي ما??هن جي تقريب منعقد ٿي رهي آهي، وڏيون سياسي پارٽيون منشورسازي ۾ مصروف آهن ۽ اهي نقطن جي صورت ۾ پنهنجا پروگرام ڏئي رهيون آهن. سياسي پارٽين کي خصوصي ما??هن جي ڀلائي لاءِ قدمن کي پنهنجي منشور ۾ شامل ڪرڻ گهرجي. هن چيو ته خصوصي ما??هن وٽ ووٽ جو حق آهي، اهي سياسي پارٽين جي قيادت آڏو پنهنجا جائز مطالبا پيش ڪن ۽ انهن پارٽين کي ووٽ ڏين جيڪي انهن جا مطالبا پورا ڪن.