برسلز – 31 – جنوري (اي پي پي) نگران پرڏيهي وزير جليل عباس جيلاني ب??سلز ۾ ڪشمير يڪجهتي ڏهاڙي جي مناسبت سان تصويري نمائش جو افتتاح ڪ??و. ??صويري نمائش جو انعقاد پاڪستاني سفارتخاني ۾ ڪيو ويو جنهن ۾ ڀارتي غيرقانوني والاريل ڄمون ۽ ڪشمير جي مظلوم عوام جي خراب حالت جي عڪاسي ڪئي وئي آهي. برسلز ۾ پاڪستاني سفارتخاني جي هڪ پڌرائي موجب ان موقعي تي ڳالهائيندي نگران پرڏيهي وزير چيو ته ڄمون ۽ ڪسمير جي بهادر فرزندن ۽ ڌيئرن ڀارت جي ڏاڍ جو بهاد??ي ??ان مقابلو ڪي?? آهي. اڄ اسان ڪشمير ڪاز جي شهيدن ۽ ڀارتي ظلمن جو شڪار ٿيندڙن کي خراج عقيدت پيش ڪريون ٿا. ڀارت ڪشميرين جي حريت جي جذبي کي پائمال ڪرڻ ۾ ناڪام رهي?? آهي ۽ انهن جون قربانيون تاريخ ۾ ياد رکيون وينديون. هن وڌيڪ چيو ته ڏکڻ ايشيا ۾ پائيدار امن جي لاءِ گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن ۽ ڪشمي??ي ??وام جي امنگن موجب ڄمون ۽ ڪشمير تڪرار جو منصفاڻو حل لازمي آهي. عالمي ب??ادري ڀارت تي زور ڏي ته هو والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ انساني حقن جون خلاف ورزيون بند ڪري، 5 آگسٽ 2019ع جي هڪطرفي ۽ غيرقانوني قدم واپس وٺ?? ۽ ??سئلي جي حل لاءِ گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن تي عملدرآمد ڪرائي. هن چيو ته پاڪستان ڪشميرين سان انهن جي فتح نه ٿيڻ جوڳي خودمختيا??ي ??ي حق کي حاصل ڪرڻ جي جدوجهد ۾ مڪمل يڪجهتي سان گڏ بيٺل آهي ۽ انهن جي منصفاڻي جدوجهد جي مڪمل سياسي، اخلاقي ۽ سفارتي حمايت جا??ي ??کندو. نگران پرڏيهي وزير وڌيڪ چيو ته ان قدم جو مقصد ڪشمي??ي ??وام جي خراب حالت ۽ انهن جي خودمختيا??ي ??ي حق کي تسليم ڪرڻ جي اهميت بابت بيداري پيدا ڪرڻ آهي.