اسلام آباد – 12 – مارچ (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري چيو آهي ته رمضان المبارڪ اسان کي الله تعاليٰ جي فرمانبرداري ۽ ان جي ??ندگي ۾ سرشار ٿي هڪ مثالي مسلمان بڻجڻ جو سنهري موقعو ڏي ٿو، هي امت جي وچ ۾ همدرديءَ، ايثار، اخوت، ڀائيچاري ۽ تعاون جو پيغام پڻ کڻي اچي ٿو، رمضان المبارڪ جي مبارڪ موقعي تي سرنديءَ وارا ماڻهو وڌي چڙهي زڪوات، صدقا ۽ خيرات ا??ا ڪن. رمضان المبارڪ 1445هه / 2024ع شروع ٿيڻ تي قوم جي نالي پيغام ۾ صدر چيو ته آئون رمضان المبارڪ جي ??حمتن ۽ مغفرتن سان ڀرپور مهينو شروع ٿيڻ تي پو??ي پاڪستاني قومي ۽ سڄي دنيا جي مسلمانن کي مبارڪباد ڏيان ٿو، رمضان المبارڪ اسان کي الله تعاليٰ جي فرمانبرداري ۽ ان جي ??ندگيءَ ۾ سرشار ٿي هڪ مثالي مسلمان بڻجڻ جو سنهري موقعو فراهم ڪري ٿو، مسلمان هن مهيني ۾ الله جي ??ڪمن تي عمل ڪ??ي پاڻ کي تقويٰ سان مزين ڪرڻ جي لاءِ عبادتن ۾ مصروف ٿي وڃن ٿا ۽ الله تعاليٰ جي ??حمت ۽ ڪرم سان گناهگارن کي مغفرت ملي ٿي. هن چيو ته الله تعاليٰ قرآن حڪيم ۾ فرمائي ٿو ته هن مسلمانن تي روزا ان جي لاءِ فرض ڪيا ته جيئن اهي پرهيزگار بڻجي ??گهن، رسول الله ﷺفرمايو ته جيڪو شخص روزو رکي ڪوڙ ۽ بدعملي کان نٿو رڪجي، الله تعاليٰ کي ان جي ??ک ۽ اُڃ جي ??رورت نه آهي، اهي ارشادات ا??ان کي ان ڳالهه جي ياد ڏيارين ٿا ته روزو الله تعاليٰ جي ??ڪم تي بک ۽ اُڃ برداشت ڪرڻ سان گڏوگڏ سمورن گناهن کان بچڻ جو نالو پڻ آهي، غيبت، گارگند، مڪرو فريب، رشوت، وياج خوري، ذخيره اندوزي، ملاوٽ ۽ بدنظري جهڙن گناهن کان بچي ئي تقويٰ حاصل ڪرڻ ممڪن آهي. صدر چيو ته هي مبارڪ مهينو امت جي وچ ۾ همدرديءَ، ايثار، اخوت، ڀائيچاري ۽ تعاون جو پيغام پڻ کڻي اچي ٿو، رمضان المبارڪ ۾ اسان جي ??ها تربيت به ٿئي ٿي ته اسان معاشري جي ??ريبن، مسڪينن، يتيمن، لاچار ۽ ڪمزور طبقن جو احساس ڪندي انهن جي مدد ڪريون، آئون رمضان المبارڪ جي مبارڪ موقعي تي سرنديءَ وارن ماڻهن کي درخواست ڪريان ٿو ته اهي وڌي چڙهي زڪوات، صدقا ۽ خيرات ا??ا ڪن، پنهنجي ??گهه کان وڌيڪ غريبن، مسڪينن ۽ ضرورتمندن جي مالي مدد ڪن ۽ ان سلسلي کي سڄو سال جاري رکن. هن چيو ته آئون هي مبارڪ مهينو شروع ٿيڻ تي عالمي دنيا ۽ مسلمان امت کي اپيل ڪريان ٿو ته اها مظلوم فلسطينين جي پڻ مدد ڪري ۽ غزه ۾ فوري جنگبندي ۽ معصوم فلسطينين جي نسل ڪ??ي روڪرائڻ جي لاءِ عملي قدم کڻي. هن دعا ڪئي ته الله تعاليٰ اسان کي رمضان المبارڪ جي ??رڪتن ۽ فضيلتن مان فائدو کڻڻ جي ??وفيق عطا فرمائي ۽ ملڪ پاڪستان کي ترقي ۽ ڪاميابي عطا فرمائي.