اسلام آباد – 22 – مارچ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف نجڪاري بابت ڪابينا ڪميٽي جوڙي ڇڏي آهي. ڪابينا ڊويزن پاران جاري نوٽيفڪيشن موجب وزيراعظم ادارن جي نجڪاري جا معاملا اڪلائڻ جي لاءِ هڪ ڪميٽي جوڙي آهي. ڪميٽي جو نالو ”نجڪاري بابت ڪابينا ڪميٽي“ (سي سي او پي) هوندو. ڪميٽي جي ذميواري?? ۾ ??جڪاري ڪميشن جي سفارش تي يا ڪنهن ٻئي طريقي سان سر??اري ملڪيت وار??ن ڪمپنين جي نجڪاري جي منظوري ڏيڻ، نجڪاري جي عمل بابت بين الوزارتي معاملن تي پاليسي فيصلا ڪرڻ، نجڪاري جي اڳڀرائي جو جائزو وٺڻ ۽ ان جي نگراني ڪرڻ، نجڪاري ڪميشن کي نجڪاري جي عمل يا ان بابت ڪنهن به ٻئي معاملي بابت رپورٽون/ معلومات/ ڊيٽا گڏ ڪرائڻ جي هدايت ڏيڻ، نئين سر ڍانچي، ريگيوليٽري ادارن ۽ نجڪاري فنڊ اڪائونٽ سان لاڳاپيل معاملن تي پاليسي فيصلا ڪرڻ، نجڪاري جي جاري سر??اري ملڪيت وار??ن ڪمپنين جي لاءِ ريفرنس پرائس جي منظوري ڏيڻ، ڪامياب ٻولي لڳائيندڙن جي منظوري ڏيڻ، نجڪاري ڪميشن جي سفارشن تي غور ڪرڻ ۽ انهن جي منظوري ڏيڻ، نجڪاري ڪميشن بابت ڪو ٻيو ڪم ??وا??ي ڪرڻ شامل آهي. ڪميٽي جو چيئرمين ناڻي وارو وفاقي وزير هوندو. ميمبر?? ۾ ??رڏيهي وزير، واپار وارو وفاقي وزير، توانائي وارو وزير، صنعت ۽ پيداوار وارو وزير، نجڪاري وارو وزير جڏهن ته ڪميٽي جي خصوصي دعوت تي شريڪ ميمبرن ۾ اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان جو گورنر، چيئرمي?? سيڪيورٽيز اينڊ ايڪسچينج ڪميشن آف پاڪستان، توانائي، واپار، مواصلات، ناڻي، صنعت ۽ پيداوار، قانون ۽ انصاف، پيٽروليم، منصوبابندي، نجڪاري ڊويزن وارا وفاقي سيڪريٽري اجلاس ۾ شريڪ ٿي سگهندا.