اسلام آباد– 28 – مارچ (اي پي پي) وزيرا??ظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته حڪومت صحافت جي آزادي تي يقين رکي ٿي ۽ ان حوالي سان هر ممڪن قدم پڻ کڻي رهي آهي، فيڪ نيوز تما?? وڏو چئلينج بڻجي چڪو آهي جنهن جي تدارڪ جي لاءِ حڪومت ۽ ميڊيا کي گڏجي ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي، اسان اميد ڪريون ٿا ته صحافي برادري ذميواراڻي ۽ غيرجانبداراڻي صحافت جي ذريعي جمهوريت جي استحڪام ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪندي رهندي. وزيرا??ظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري پڌرائي موجب وزيرا??ظم محمد شهباز شريف سان آل پاڪستان نيوز پيپرز سوسائٽي (اي پي اين ايس) جي وفد ملاقات ڪئي. وفد ۾ ناز آفرين سهگل، سرمد ع??ي، مجيب الرحمان شامي، شهاب زبيري، محمد اطهر قاضي، سيد منير جيلاني، محسن بلال، مهتاب خان ۽ فيصل زاهد ملڪ شامل هئا. ملاقات ۾ اطلاعات ۽ نشريات وارو وفاقي و??ير عطاءُ الله تارڙ ۽ لاڳاپيل اعليٰ سرڪاري آفيسر موجود هئا. وفد ع??دو سنڀالڻ تي و??يرا??ظم کي مبارڪباد ڏني ۽ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. وزيرا??ظم اي پي اين ايس جي نئين چونڊيل پينل کي مبارڪباد ڏني ۽ پنهنجي نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. وفد سان ڳالهائيندي و??يرا??ظم چيو ته تمام مشڪل حالتن ۾ ملڪ جي و??ڳ سنڀالي آهي. هن چيو ته معيشت جي بحالي اسان جو سڀ کان وڏو چئلينج ۽ حڪومت جي اولين ترجيح آهي. وزيرا??ظم وفد کي حڪومت جي معيشت جي بحالي جي ڪوششن ۽ حڪمت عملي کان آگاهه ڪيو. وزيرا??ظم چيو ته اوڳاڙين جي و??ولي جي نظام کي جديد بڻائڻ جي حوالي سان حڪمت عملي تيار ڪئي پئي وڃي، فيڊرل بورڊ آف روينيو جي مڪمل ڊيجيٽلائيزيشن ڪئي پئي وڃي ۽ ٽيڪس بيس ۾ اضافي جي لاءِ ڪم ڪيو پيو وڃي. هن چيو ته 2 هزار ارب رپين کان وڌيڪ جي اوڳاڙين جا ڪيس عدالتن ۽ ٽربيونلز ۾ التوا هيٺ آهن. وزيرا??ظم چيو ته تازو ئي حڪومت ٽيڪس ايڪسي لسن ايوارڊز منعقد ڪيو جنهن جو مقصد سٺي ٽيڪس ڏيندڙن، برآمد ڪندڙن ۽ عورت انٽرپرينيورز جي حوصلا افزائي هئي. وزيرا??ظم چيو ته اربين رپين جي بجلي چوري ٿي رهي آهي جنهن جي روڪٿام جي لاءِ هول آف دي گورنمينٽ اپروچ اختيار ڪئي پئي وڃي. هن چيو ته حڪومتي ملڪيتي ادارن جي نجڪاري، اداراجاتي سڌارا، اندروني ۽ ٻاهرئين سيڙپڪاري ۽ ڪفايت شعاري حڪومتي ترجيحون آهن. وزيرا??ظم وڌيڪ چيو ته حڪومتي سطح تي خرچن ۾ گهٽتائي جي لاءِ ڪميٽي ٺاهي و??ي آهي جيڪا جلد پنهنجون سفارشون پيش ڪندي. وزيرا??ظم وفد سان ڳالهائيندي چيو ته پريس يقيني طور تي رياست جو چوٿون ٿنڀ آهي، معاشري جي تعمير ۽ ترقي ۽ عوام جي ذهني ۽ فڪري تربيت ۾ پريس جو ڪردار انتهائي اهميت رکندڙ آهي. هن چيو ته گڊ گورننس يقيني بڻائڻ ۽ عوام کي آگاهي جي فراهمي ۾ ميڊيا جو اهم ڪردار آهي. هن چيو ته اڄ جي ڊيجيٽل دور ۾ پڻ پرنٽ ميڊيا جي اهميت کان انڪار نٿو ڪري سگهجي. وزيرا??ظم چيو ته ايس آءِ ايف سي تحت معاشي استحڪام جا ثمر عوام تائين پهچائڻ ۾ ميڊيا اهم ڪردار ادا ڪري سگهي ٿي. وزيرا??ظم چيو ته فيڪ نيوز تما?? وڏو چئلينج بڻجي چڪو آهي جنهن جي تدارڪ جي لاءِ حڪومت ۽ ميڊيا کي گڏجي ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي. هن چيو ته حڪومت پريس جي آزادي تي يقين رکي ٿي ۽ ان حوالي سان هر ممڪن قدم پڻ کڻي رهي آهي. وزيرا??ظم ان اميد جو اظهار ڪيو ته صحافي برادري ذميواراڻي ۽ غيرجانبداراڻي رپورٽنگ جي ذريعي جمهوريت جي استحڪام ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪندي رهندي. وزيرا??ظم وفد جي شرڪت ڪندڙن کي چيو ته صحافي برادري پاڪستان جي ترقي ۽ خوشحالي جي لاءِ ڪوششن ۾ حڪومت جو ساٿ ڏي. وزيرا??ظم وفد کي صحافي براداري کي درپيش سموريون مشڪلاتون حل ڪرڻ جي خاطري ڪرائيندي چيو ته صحافين کي انهن جون ذميواريون نڀائڻ ۾ جتي به حڪومت جي مدد گهربل هوندي اسان ان حوالي سان انهن جو ڀرپور ساٿ ڏينداسين.