اسلام آباد – 16 – اپريل (اي پي پي) سعودي پرڏيهي وزير شهزاده فيصل بن فرحان السعود پرڏيهي وزارت ج?? دورو ڪيو ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار ??ان ملاقات ڪئي. پرڏيهي وزارت اچڻ تي پرڏيهي وزير اسحاق ڊار معزز مهمان جي آجيان ڪئي. پرڏيهي وزير اسحاق ڊار وزيراعظم جي تازي سعود?? عرب جي دوري دوران قيادت ج?? سطح تي ٿيندڙ اهم مفاهمت ج?? ذڪر ڪي??. س??ود?? عرب ??ان لاڳاپن جي بلندي کي ساراهيندي هن ٻطرفي اقتصادي ۽ سيڪيورٽي تعاون کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي لاءِ پاڪستان جي پراڻي عزم جو ورجاءُ ڪيو. پرڏيهي وزير اسحاق ڊار سعود?? عرب جي دورانديشي ۽ مستقبل جي قيادت ۾ غيرمعمولي اڳڀرائي ۽ خطي ۾ امن ۽ سلامتي جي لاءِ سعود?? عرب جي قائداڻي ڪردار کي ساراهيو. ٻنهي پرڏيهي وزيرن ٻنهي ملڪن جي گڏيل فائدي جي لاءِ ڪيترن ئي شعبن ۾ وسيع واپار ۽ سيڙپڪاري جي تعاون جي امڪانن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. پرڏيهي وزير اسحاق ڊار پاڪستان پاران پيش ڪيل سيڙپڪاري جي زبردست موقعن ۽ ان سلسلي ۾ ايس آئي ايف سي جي ڪردار تي روشني وڌي. سعودي پرڏيهي وزير سندس ۽ وفد جي شاندار استقبال تي پرڏيهي وزير اسحاق ڊار جا ٿورا مڃيا ۽ پاڪستان ??ان سعود?? عرب جي گهري ڀائراڻن لاڳاپن جي اهميت کي اجاگر ڪيو. ٻنهي پرڏيهي وزيرن خطي جي تازي اڳڀرائي ۽ غزه جي سنگين انسان?? صورتحال تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ۽ فوري جنگبندي ۽ اتي اسرائيلي ظلم بند ڪرڻ تي زور ڏنو.