اسلام آباد – 27 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ٽانڪ ڊيره اسماعيل خان ۽ باغ ضلعي خيبر ۾ پاڪ فوج جي دهشتگردن جي خلاف ڪامياب آپريشن تي آفيسرن ۽ جوانن کي خراج تحسين جڏهن ته شهادت ماڻيندڙ جوانن کي خراج عقيدت پيش ڪيو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري پڌرائي موجب وزيراعظم باغ ضلعي خيبر ۾ آپريشن دوران شهادت ماڻيندڙ 5 جوانن نائيڪ ??حمد اشفاق بٽ، لانس نائيڪ سيد دانش افڪار، ??پا??ي تيمور ملڪ، ??پا??ي نادر صغير ۽ ??پا??ي محمد ياسين کي خراج عقيدت پيش ڪندي چيو ته پاڪ فوج جي جوانن پنهنجي ج??ني?? جي پرواهه ڪرڻ کانسواءِ دهشتگرد عنصرن جي خاتمي لاءِ ڪارروائي ڪئي، الله تعاليٰ شهيدن جا درجا بلند ۽ انهن جي گهرڀاتين کي صبر جميل عطا فرمائي. وزيراعظم چيو ته مون سميت پوري ??وم شهيدن جي گهرڀاتين کي خراج عقيدت پيش ڪري ٿي، پاڪ فوج جي آفيسرن ۽ جوانن ملڪي سلامتي کي سدائين پنهنجي ج??ني?? تي فوقيت ڏني. وزيراعظم چيو ته دهشتگردي جي ناسور جي ملڪ مان خاتمي تائين ان جي خلاف جنگ جاري رکنداسين، پوري ??وم دهشتگردي جي خلاف ان جنگ ۾ پاڪ فوج سان گڏ بيٺل آهي.