اسلام آباد – 10 – مئي (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري آذربائيجان کي ??وپ – 29 ڪانفرنس جي ميزباني حاصل ڪرڻ تي مبارڪباد ڏيندي اميد ظاهر ڪئي آهي ته ??وپ – 29 جي نتيجي ۾ اسرندڙ ملڪن کي موسميات?? تبديلين کي منهن ڏيڻ جي لاءِ مالياتي ضرورتون پوريون ڪرڻ ۾ مدد ملندي. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب صدر آصف علي زرداري آذربائيجان جي ماحولياتي ۽ قدرتي وسيلن واري وزير مختار بابائيف سان ڳالهائي رهيو هو جنهن ايوان صدر ۾ ملاقات ڪئي. صدر ماحوليات?? تبديلي جي ??ئلينج کي منهن ڏيڻ جي لاءِ عالمي ڪوششن جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو ته ماحول دوست ٽيڪنالاجي اختيار ڪرڻ، وڻڪاري کي فروغ ڏيڻ ۽ گرين هائوس گئسن جو اخراج گهٽ ڪرڻو پوندو، گلوبل وارمنگ ۽ موسميات?? تبديلي سان گليشيئرز متاثر ٿي رهيا آهن، گلوبل وارمنگ ۽ موسميات?? تبديلي پاڻي جي ??وٽ جو سبب به بڻ??ي رهيا آهن، ماحولياتي چئلينجز کي منهن ڏيڻ، منفي اثر گهٽ ڪرڻ جي لاءِ عالمي تعاون گهربل آهي. صدر چيو ته پاڪستان لکين هيڪٽرز تي تمر جا ٻيلا لڳايا آهن، تمر سان پاڪستان کي ڪاربن ڪريڊٽ حاصل ڪرڻ، ماحولياتي تحفظ ۾ مدد ملندي. هن چيو ته پاڪستان آذربائيجان سان لاڳاپن کي خصوصي اهميت ڏي ٿو، پاڪستان آذربائيجان سان گڏيل مفادجي شعبن ۾ تعاون کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ چاهي ٿو. صدر ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ لاڳاپا وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ جي لاءِ وڌيڪ رابطن، ٻطرفي مٽاسٽا ۽ عوامي رابطن کي فروغ ڏيڻ تي زور ڏنو. آذربائيجان جي ماحوليات واري وزير مختار بابائيف پاڪستان ۽ آذربائيجان جي وچ ۾ سياحت ۽ ثقافت جي شعبي ۾ ٻطرفو تعاون وڌائڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. آذربائيجان جي ماحوليات واري وزير نومبر 2024ع ۾ باڪو ۾ ٿيندڙ ??وپ – 29 ڪانفرنس ۾ شرڪت جو دعوتنامو صدر کي پهچايو. صدر ??وپ – 29 ڪانفرنس جي ??امياب ميزباني جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪندي اميد ظاهر ڪئي ته آذربائيجان ماحولياتي لحاظ کان اسرندڙ ملڪن جي مفادن جي تحفظ جي لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪندو.