اسلام آباد – 27 – جون (اي پي پي) نيشنل هيلٿ سروسز ريگيوليشنز اينڊ ڪوآرڊينيشن واري وزارت وزيراعظم جي منظوري ??ان عائشه رضا فاروق کي اعزازي طور تي وزيراعظم جي پوليو جي خاتمي بابت فوڪل پرسن مقرر ڪري ڇڏيو آهي. سندس مقرري فوري طور تي ڪئي پئي وڃي. عائشه رضا فاروق وزيراعظم کي پاڪستان ۾ پوليو جي خاتمي جي ڪوششن ۽ تازه ترين صورتحال کان باقاعدگي ??ان آگاهه ڪندي جڏهن ته صوبائي، ضلعي ۽ وفاقي سطح تي نيشنل ايمرجنسي ايڪشن پلان تي عملدرآمد جي لاءِ وفاقي حڪومت پاران قدم کڻڻ بابت وزيراعظم کي مشاورت پڻ فراهم ڪندي. عائشه رضا فاروق پوليو تدارڪ جي حوالي ??ان قومي ٽاسڪ فورس جي باقاعده ميٽنگ منعقد ڪرڻ ۾ سهولت فراهم ڪندي ?? پوليو جي خاتمي جي مهمن جي نگراني ??ان گڏوگڏ سمورين ڌرين بشمول عالمي حصيدارن کي رهنمائي فراهم ڪندي ته جيئن مهم جي ڪوريج کي بهتر بڻائي سگهجي. عائشه رضا فاروق پوليو تدارڪ پروگرام جي مرڪزي سطح تي سمورين سرگرمين جي رهنمائي ڪندي. ماهوار ۽ هفتيوار نيشنل اسٽيئرنگ ڪميٽي جي اجلاسن جي صدارت ڪندي. پوليو تدارڪ جي حوالي ??ان نيشنل ايمرجنسي آپريشن سينٽر جي نيشنل ڪوآرڊينيٽر ??ان گڏجي قومي ۽ عالمي فورمز تي پاڪستان جي نمائندگي ڪندي. عالمي ترقياتي حصيدارن ۽ ٻين عطيو ڏيندڙ تنظيمن ??ان پوليو تدارڪ جي لاءِ وسيلا پيدا ڪرڻ جي حوالي ??ان ڳالهيون منعقد ڪندي ?? نيشنل هيلٿ سروسز ريگيوليشنز اينڊ ڪوآرڊينيشن واري وزارت ??ان ويجهي رابطي ۾ ڪم ڪندي ?? پوليو بابت مسئلن جي خاتمي لاءِ وقت سر ۽ موثر ڪردار ادا ڪندي. نيشنل هيلٿ سروسز ريگيوليشنز اينڊ ڪوآرڊينيشن واري وزارت مٿي ڄاڻايل ٽي او آرز تحت سندس مقرري جو باقاعده نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو آهي.