اسلام آباد – 16 – جولائي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ڪڙي شموزئي ڊيره اسماعيل خان ۾ ڳوٺاڻي صحت مرڪز تي دهشتگردن جي بزدلاڻي حملي جي شديد لفظن ۾ مذمت ڪندي چيو آهي ته اهڙي بزدلاڻي ڪاررواين سان دهشتگرد پاڪستاني قوم جا حوصلا ڪمزور نه ٿا ڪري سگهن. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم حملي ۾ ٻن ٻارن، ٻن عورت هيلٿ ورڪرز، چوڪيدار ۽ جوابي ڪارروائي ۾ دهشتگردن کي جهنم واصل ڪندي شهادت ماڻيندڙ سيڪيورٽي فورسز جي جوانن نائب صوبيدار محمد فاروق ۽ سپاهي محمد جاويد اقبال جي شهادت تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. وزيراعظم شهيدن جي مغفرت ۽ انهن جي گهرڀاتين جي لاءِ صبر جميل جي دعا ڪندي چيو ته پاڪستان مان دهشتگردي جي لعنت کي ختم ڪري سُک جو ساهه کڻنداسين، پاڪستان مان دهشتگردي جي خاتمي لاءِ پاڪستاني قوم ۽ پاڪ فوج سان گڏ بيٺل ??هيون. وزيراعظم چيو ته معصوم ٻارن ۽ عورتن تي حملو ??ند?? بزدل دهشتگرد عنصرن جي پٺڀرائي ??ند??ن کي ڪيفر ڪردار تائين پهچائينداسين، اهڙي بزدلاڻي ڪاررواين سان دهشتگرد پاڪستاني قوم جا حوصلا ڪمزور نه ٿا ڪري سگهن.