اسلام آباد–24 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محم?? شهباز شريف پشين ۾ پوليس لائنز ويجهو ڌماڪي جي شديد مذ??ت ڪندي، معصوم ٻارڙن جي شهادت تي ڏک جو اظهار ڪيو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ مان جاري بيان مطابق وزيراعظم ڌماڪي ۾ شهيد ٿي ويلن جي ڪٽنبن سان تعزيت ڪندي شهيدن جي بلند درجن ۽ زخمين جي جلد صحتيابي ل??ءِ ڌڻي در دعا ڪئي.وزير اعظم انتظاميا کي زخمين کي بهترين طبي سهولتن جي فراهمي جي هدايت ڪندي چيو آهي ته ڌماڪي ۾ ملوث ڌرين کي انهن جي انجام تائين پهچايو ويندو. هن چيو ته معصوم ٻارن تي حملو ڪندڙ انسان نه آهن، ملڪ مان آخري دهشتگرد جي خاتمي تائين جنگ جاري رهندي.