اسلام آباد-24 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف فلسطينين جي پنهنجي سر زمين تان زبردستي بيدخلي ۽ ٻارن جي غذائي کوٽ سان واڳيل انساني معاملن تي ??ڏي?? قومن جي اداري (او سي ايڇ اي) جي تازي ??پو??ٽ تي عالمي برادري کان فوري قدم کڻڻ جو مطالبو ڪندي چيو آهي ته انسانيت خلاف ڏوهه ڪندڙ اسرائيلي رياست کي ڪٽهڙي ۾ نه بيهاريو ويو ته عالمي ادارو پاڻ ڪٽهڙي ۾ بيٺل هوندو. عالمي ادارن جون ??پو??ٽون اسرائيل خلاف سنگين فرد جرم آهن.وزيراعظم ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم چيو ته ??ڏي?? قومون جي تازي ??پو??ٽ خوفناڪ ۽ معصوم فلسطينين جي نسل ڪشي جي اسرائيلي ڏوهه جو تازو ثبوت آهي. ??ڏي?? قومن جي ??پو??ٽ شاهدي ڏئي رهي آهي ته ڪو به ڏينهن اهڙو ناهي جنهن ۾ بي گناهه فلسطينين جو رت نه وهايو ويو هجي. وزيراعظم چيو ته ??ڏي?? قومن جي ??پو??ٽ ٻڌائي رهي آهي ته اسرائيل جو سڀ کان وڏو نشانو فلسطيني ٻار بڻجي رهيا آهن، صاف نظر اچي رهيو آهي ته اسرائيل فلسطينين جو نسل ختم ڪري رهيو آهي. هن چيو ته فلسطينين جي نسل ڪشي جو سلسلو شروع ٿئي 322 ڏينهن گذري ويا آهن. آگسٽ جي مهيني ۾ اڍائي لک فلسطينين جي سندن گهرن مان زبردستي بي دخلي عالمي ادارن، عالمي ضمير ۽ عالمي قانون لاءِ چئلينج آهي. وزيراعظم چيو ته صرف ٻن ڏينهن ۾ 146 فلسطينين کي پنهنجي گهرن مان ناحق بي دخلي سان اسرائيل جي ظلم جي رفتار جو اندازو لڳائي سگهجي ٿو، ??ڏي?? قومن جي اداري جي ??پو??ٽ مان تصديق ٿئي ٿي ته هڪ پاسي خطرناڪ هٿيارن سان فلسطينين جي نسل ڪشي جاري آهي ته ٻئي پاسي بک کي هٿيار طور استعمال ڪيو پيو وڃي. وزيراعظم چيو ته اتر غزه ۾ صرف هڪ سيڪڙو ۽ ڏاکڻي علائقي ۾ چار سيڪڙو ٻارن کي خوراڪ ملي رهي آهي، اسرائيل هوائي، زميني ۽ سامونڊي رستي باهه ۽ بارود وسائي عام فلسطينين جي قتل کي تيز ڪري ڇڏيو آهي. وزيراعظم چيو ته انسانيت خلاف ڏوهه ڪندڙ اسرائيلي رياست کي ڪٽهڙي ۾ نه بيهاريو ويو ته عالمي ادارو پاڻ ڪٽهڙي ۾ بيٺل هوندو، عالمي ادارن جون ??پو??ٽون اسرائيل خلاف سنگين فرد جرم آهن، وزيراعظم شهباز شريف چيو ته انسانيت جي قاتلن کي سزا ڏني وڃي، مظلومن جو تحفظ ??يو وڃي، پاڪستان فلسطينين خاص طور تي ٻارن لاءِ خوراڪ جي فراهمي کي وڌيڪ تيز ڪندو.