اسلام آباد – 27 – آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف تيراهه واديءَ جي ضلعي خيبر ۾ فتنه الخوارج نام نهاد لشڪر اسلام ۽ جم??عت الاحرار جي دهشتگردن جي خلاف ڪامياب آپريشن تي سيڪيورٽي فورسز کي ساراهيندي چيو آهي ته ملڪ ۾ امن قائم ڪرڻ جي لا??ِ پاڪ فوج جون لا??وال قربانيون و??ار?? جوڳيون نه آهن. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم چيو ته پاڪ فوج جي بهادر آفيسرن ۽ جوانن پيشيواراڻي مهارت ۽ بهادري جو مظاهرو ڪندي انتهائي گهربل دهشتگرد خارجي ليڊرن سميت 25 دهشتگردن کي ماريو ۽ 11 کي زخمي ڪري گرفتار ڪيو. هن چيو ته آپريشن دوران شهادت ماڻيندڙ پاڪ فوج جي جوانن کي مون سميت پوري قوم خراج عقيدت پيش ڪري ٿي. وزيراعظم چيو ته ملڪ ۾ امن قائم ڪرڻ جي لا??ِ پاڪ فوج جون لا??وال قربانيون و??ار?? جوڳيون نه آهن، دهشتگردي جي لعنت جي ملڪ مان مڪمل خاتمي تائين ان جي خلاف جنگ جاري رکنداسين. وزيراعظم چيو ته فتنه الخوارج کي ڪنهن به صورت ۾ ملڪ ۾ انتشار ۽ بدامني ڦهلائڻ جي اجازت نه ڏينداسين، دهشتگردي جي ملڪ مان خاتمي جي لا??ِ پوري قوم پاڪ فوج سان گڏ بيٺل آهي.