لاهور-28 آگسٽ (اي پي پي) خيبر پختونخوا جي گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي چيو آهي ته واپاري برادري جا مسئلا ترجيحي بنيادن تي حل ڪيا ويندا، ملڪي معيشت ۾ واپاري برادري جو ڪردار انتهائي اهم آهي، پاڪستان ۾ معاشي ۽ اقتصادي لحاظ کان وڏا موقعا موجود آهن جڏهن ته ??سا?? کي نااُميد نه ٿيڻ گهرجي، ??سا?? سڀني کي گڏ ٿي ملڪ کي اڳيان وٺي هلڻو آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ڪالهه هتي لاهور چيمبر آف ڪامرس اي??ڊ انڊسٽري ۾ رٿيل هڪ تقريب کي خطاب ۽ ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪيو. ان موقعي تي چيمبر جي صدر ڪاشف انور، سينيئر نائب صدر ظفر محمود چوڌري، پ پ جي اڳواڻ حسن مرتضيٰ ۽ صنعتڪارن جو وڏو انگ موجود هو. گورنر چيو ته لاهور چيمبر تاريخي چيمبر آهي، هتي ٿيل مختلف ايونٽس مان تمام گهڻو متاثر ٿيو آهيان. هن چيو ته هتي پهچي تمام خوشي ٿي، لاهور چيمبر جو ملڪي معيشت ۾ وڏو ڪردار آهي. بجلي جي قيمتن جي حوالي سان گورنر چيو ته سڀ کان اهم مسئلو آءِ پي پيز کان مهانگي بجلي خريدڻ آهي، ??سا?? موسمياتي تبديلي جهڙن چئلينجز کي مُنهن ڏئي رهيا آهيون، شمسي توانائي جا منصوبا وقت جي اهم ضرورت آهن، ماضيءَ ۾ هائيڊل پاور پراجيڪٽ تي ڌيان نه ڏنو ويو، ??ربيلا کانپوءِ ان ليول جو ڪو ڊيم نه بڻجي سگهيو، محدود مُدي لاءِ عوام کي رليف ڏيڻ لاءِ آءِ پي پيز تي ڀاڙڻو پيو جنهن سبب مسئلا پيدا ٿيا. هن چيو ته هائيڊل پاور پراجيڪٽ لاءِ ڊگهو انتظار ڪرڻو پوندو آهي پر عوام ايترو عرصو انتظار نٿو ڪري سگهي، سياستد??نن مٿان مسئلا حل ڪرڻ لاءِ دٻاءُ هوندو آهي جنهن سبب شارٽ ٽرم رٿائن طرف وڃڻو پوندو آهي، ملڪ ۾ نَوان ڊيم ٺاهي پاڻيءَ کي ذخيرو ڪرڻو پوندو، ملڪ ۾ سولرائزيشن جي منصوبن تي ڪم ٿي رهيو آهي، حڪومت سولر انرجي جي فراهميءَ لاءِ هر ممڪن رليف ڏئي رهي آهي. هن چيو ته وفاق ۽ صوبن وچ ۾ هم آهنگي ضرور هئڻ گهرجي، سرمائيدارن ۽ واپارين کي سازگار ماحول جي فراهميءَ لاءِ قدم کڻڻا پوندا. انڪم ٽيڪس جي حوالي سان هن چيو ته پگهاردار طبقي تي هر سال ٽيڪس جو بار وڌي رهيو آهي، ٽيڪس نظام ۾ سڌارا آڻڻ وقت جي اهم ضرورت آهي، ٽيڪس جو نظام آسان بڻائڻ لاءِ ڪيترائي مسئلا آڏو اچي سگهن ٿا. فيصل ڪريم ڪنڊي چيو ته ڪي پي ڪي قدرتي وسيلن کان مالامال آهي، جتان گيس ۽ پيٽرول وڏي مقدار ۾ نڪري ٿو ۽ سڀ کان وڌيڪ بجلي به هتان ئي پيدا ٿئي ٿي، ملڪ ۾ سڀ کان وڌيڪ تماڪ به ??سا?? پيدا ڪريون ٿا، ان لاءِ جيڪو صوبو سٺو ڪم ڪري رهيو هجي باقي صوبن کي به ان جي تعريف ڪرڻ گهرجي. دهشتگرديءَ جي حوالي سان هن چيو ته ??سا?? پاڙيسري کي تبديل نٿا ڪري سگهون، افغانستان سان ??سا?? کي سٺا لاڳاپا رکڻا پوندا اها ??سا?? جي مجبوري آهي. فيصل ڪريم ڪنڊي چيو ته پاڪستان نوجو??نن جو ملڪ آهي، ??سا?? کي نوجو??نن کي اسپورٽس طرف آڻڻو پوندو ته جيئن صحتمند سرگرمين کي هٿي ملي سگهي، ان سلسلي ۾ حڪومت اسپورٽس ۾ نوجو??نن جي مدد ڪندي. ارشد نديم جي حوالي سان هن چيو ته شروعاتي طور هن راند کي ڪنهن به پروموٽ ناهي ڪيو پر جڏهن ڪو رانديگر ڪامياب ٿيندو آهي ته سڀ ان جي حوصلا افزائي لاءِ سامهون اچي ويندا آهن، ??سا?? کي رانديگرن جي ان وقت سرپرستي ڪرڻ گهرجي جڏهن هو ڪنهن وڏي ٽورنامينٽ يا ايونٽ ۾ حصو وٺڻ لاءِ پاڻ کي تيار ڪري رهيا هجن. ان کان اڳ لاهور چيمبر جي صدر گورنر کي سپاسنامو پيش ڪيو.